لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) ڊائريڪٽر اسڪولز ايجوڪيشن پرائمري ريجن لاڙڪاڻو ڪشمور ڪنڌڪوٽ ضلعي جي غير حاضر 11 پرائمري استادن خلاف ڊسيپلينري ڪارروائي ڪندي 2 پرائمري استادن کي نوڪرين تان برطرف ڪرڻ سان گڏ 6 استادن جو سالياني انڪريمينٽ ختم ڪرڻ سان گڏ هڪ استاد کي وقت کان رٽائر ڪري ٻئي استاد جي ٽائيم اسڪيل گهٽائي ڇڏيو جن ۾ عبدالنبي، مسمات آسيه، مسمات ناديه، مسمات سعيده، مسمات ثمينه، مسمات رخسانه، عبدالرزاق، عبدالرسول، محمد رمضان، دريا خان ۽ سلطان احمد شامل آهن. ان حوالي سان ڊائريڪٽر اسڪولس ايجوڪيشن پرائمري ريجن لاڙڪاڻو گلشير سومرو ٻڌايو ته جن استادن خلاف ڊسيپلينري ڪاروائي ڪئي وئي آهي اهي سالن کان وٺي ڊيوٽين تان غير حاضر هئا جن کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪيو ويو پر انهن جو جواب مطئمن ڪندڙ نه هو جنهن ڪري انهن خلاف سنڌ سول سرونٽس (ايفيشنسي اينڊ ڊسيپلين) رولز 1973 تحت اهڙي ڪاروائي ڪئي وئي آهي. هن چيو ته برطرف استادن 6 ميل ۽ 5 فيميل پرائمري استادن شامل آهن جن خلاف ڪاروائي ڪئي وئي آهي ۽ اهڙي قسم جون ڪاروائيون مستقبل ۾ به جاري رهنديون.