ڪرپٽ مافيا نٿي چاهي ته قانون جي بالادستي هجي، سندن خلاف جهاد ۾ ڪامياب ٿينداسين: وزيراعظم

0
259
وزيراعظم جو سنڌ

اسلام آباد (ڊيسڪ رپورٽ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪرپٽ مافيا نٿي چاهي ته ملڪ ۾ قانون جي بالادستي هجي، مافيا خلاف جنگ ۾ ڪامياب ٿي رهيا آهيون، عوام منهنجو ساٿ ڏئي، مافيا جو مقابلو ڪري ڏيکاريندس، حڪومت قانون جي بالادستي رکڻ لاءِ نيب جي معاملن ۾ مداخلت نه ڪندي آهي، سياسي ماڻهن 30 سالن تائين ملڪ کي لُٽيو، کنڊ مافيا به نٿي چاهي ته ملڪ ۾ قانون جي حڪمراني هجي، وزيراعظم ۽ وزير چوري ڪن نه ملڪ تباهه ٿي ويندو آهي، عام چوري سان ڪجهه ناهي ٿيندو، پاڻ کي ڊيموڪريٽ سڏائيندڙ نواز شريف سپريم ڪورٽ تي حملو ڪرايو ۽ چيف جسٽس کي ڪڍڻ لاءِ ٻين ججز کي پئسا ڏنا.
وزيراعظم ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه دوران عوام جي سوالن جا جواب ڏيندي چيو آهي ته ماسڪ پائڻ سان ڪورونا ڦهلاءُ جو 50 سيڪڙو گهٽجي سگهي ٿو، عيد تي احتياط نه ڪيو ته حالتون ڪنٽرول مان نڪري سگهن ٿيون، شهري عيد جي موڪلن ۾ پنهنجي گهرڀاتين جو خيال رکن، بند ۽ رش وارين جاين تي لازمي طور ماسڪ پايو، بي احتياطي سان ڪورونا وڌي سگهي ٿو، نتيجي ۾ حڪومت کي لاڪ ڊائون ڪرڻو پوندو.