لاهور (م ڊ) وزيراعظم جي حڪم تي راولپنڊي رنگ روڊ اسيڪنڊل جي جاچ مڪمل ٿي وئي، رنگ روڊ ۾ نوان رستا شامل ڪرڻ تي وڌيڪ 25 ارب رپيا خرچ ٿيڻا هئا. رنگ روڊ جي اصل نقشي ۾ تبديلي جو معاملو سامهون اچڻ تي ڪمشنر راولپنڊي کي تبديل ڪيو ويو هو، جڏهن ته وزيراعظم ڪمشنر محمد محمود کان پاڻ به ڄاڻ ورتي هئي، ذريعن موجب رنگ روڊ ۾ شامل ڪيل نون رستن ۾ اهم شخصيتن جي زمين آئي هئي، جنهن بعد وزيراعظم منصوبو روڪرائي ڇڏيو هو.