ڪراچي(رپورٽ: دودو چانڊيو ) سنڌ جي صوبائي وزيرن چيو آهي ته نيب کي اهو اختيار ناهي ته هو ڊومسائيل بنياد تي مقررين ۽ بدلين بابت صوبائي حڪومت کان پڇي، عيد موڪلن بعد وفاقي سرڪار آڏو اهو معاملو کڻنداسين. ڪالهه پريس ڪانفرنس ڪندي ناصر شاهه، مرتضيٰ وهاب ۽ قاسم سراج سومرو چيو ته نيب جو ڪم ڪرپشن خلاف ڪارروائي آهي، مرتضيٰ وهاب چيو ته نيب اختيارين پاران سنڌ سرڪار کي لکيل خط غيرقانوني آهي، نيب سروس ٽربيونل ناهي، جيڪو ملازمن جا ڊوميسائل چيڪ ڪندو، نيب آفيسر پنهنجن اختيارين جو ناجائز فائدو وٺندي خط لکيو آهي. صوبائي وزير ناصر شاهه چيو ته نيب چيئرمين کي اهڙي خط جو نوٽيس وٺي جاچ ڪرائڻ گهرجي، آئون سمجهان ٿو ته نيب چيئرمين کي ان معاملي جي آگاهي نه هوندي ۽ نه ئي وري نيب آفيسر پنهنجي چيئرمين کي ان سلسلي ۾ ڄاڻ ڏني هوندي، اسان مطالبو ٿا ڪريون ته نيب چيئرمين ان معاملي جي انڪوائري ڪرائي، هڪ سوال جي جواب ۾ ناصر شاهه چيو ته بحريا ٽائون معاملي کانپوءِ روينيو ۽ پوليس آفيسرن خلاف ڪارروائي ڪئي آهي، بلاول هائوس جي ملڪ رياض يا بحريا ٽائون کي پٺڀرائي حاصل هجي ها ته ايف آءِ آر ڪيئن داخل ٿئي ها؟ ۽ آفيسرن خلاف ڪارروائي ڪيئن ٿئي ها؟ اسان يقين ٿا ڏياريون ته ڪراچي جي قديمي ڳوٺن خلاف ڪابه ڪارروائي نه ٿيندي، جيڪي ڳوٺ بحريا ٽائون جي حدن ۾ اچن ٿا، اهي آباد رهندا، بلاول ڀٽو انهي معاملي جو نوٽيس ورتو آهي، وڏو وزير ان معاملي جي انڪوائري ڪرائي پيو، قديمي رهواسين کي مڪمل تحفظ ڏنو ويندو. ناصر شاھه ۽ قاسم سراج سومرو چيو تھ وڏي وزير ڪورونا ويڪسين خريدڻ لاءِ 1.5 ارب رپيا مختص ڪيا آھن.