اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت 978 ارب رپين جي لاڳت جا 14 منصوبا ايندڙ ٽن مهينن ۾ منظور ڪرڻ، 1016 ارب رپين جي منصوبن جا ٽينڊر مالي سال 22-2021 ۾ ڪرڻ، سکر حيدرآباد موٽروي جو ٽينڊر جون مهيني ۾ ڪرڻ جو اعلان ڪيو آھي. ڪالهه وزير اعظم عمران خان جي صدارت ۾ ترقياتي منصوبن خاص طور تي بجلي شعبي جي شراڪت داري سان شروع ٿيندڙ منصوبن تي غور لاءِ اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ رٿابندي جي وفاقي وزير اسد عمر، ناڻي وزير شوڪت ترين ، پنجاب جو وڏو وزير عثمان بزدار ، مختلف وزارتن جي وفاقي سيڪريٽرين شرڪت ڪئي، وزير اعظم کي ٻڌايو ويو ته سرڪاري ۽ نجي شعبي جي گڏيل شراڪت داري سان لڳ ڀڳ 2 هزار ارب رپين جا پنجاهه منصوبن تي ڪم ڪيو پيو وڃي جن مان 35 منصوبا منظوري جي قريب آھن ، 978 ارب جي لاڳت جي 14 منصوبن کي ٽن مهينن ۾ منظور ڪيو ويندو، جڏهن ته 1016 ارب روپين جي لاڳت جي 18 منصوبن کي مالي سال 22-2021 ۾ ايوارڊ ڪيو ويندو، پبلڪ پرائيوٽ پاٽنرشپ اٿارٽي پاران ٻن اهم منصوبن کي منظور ڪيو ويو آھي جن لاءِ 233 ارب روپين جي منظوري ڏني وئي آھي جن مان سيالڪوٽ کاريان منصوبي جو ٽينڊر جاري ٿي چڪو آھي جڏهن ته سکر حيدرآباد موٽروي منصوبي جو ٽينڊر جون ۾ جاري ڪيو ويندو اجلاس کي ٻڌايو ويو ته 710 ارب رپين جي لاڳت جي وڌيڪ 6 منصوبن جي منظوري آگسٽ 2021 ۾ ڏني ويندي وزير اعظم کي ٻڌايو ويو ته پي ايس ڊي پي پلس تحت 5.5 ٽرلين جي ماليت جي 180 قدمن جي نشاندهي ڪئي وئي آھي اجلاس ۾ ڳالهائيندي وزير اعظم عمران خان چيو آھي ته عوامي ضرورتن جي روشني ۾ نجي شعبي جي ڀرپور شرڪت وقت جي اهم ضرورت آھي، ملڪي ۽ پرڏيهي سيڙپڪارن لاءِ آسانيون پيدا ڪرڻ لاءِ سيڙپڪاري بورڊ کي متحرڪ ڪري رهيا آھيون.