ڪرمپور (ن پ ا) ڪرمپور ڀرسان 35 ڏينهن اڳ اغوا ٿيل ٽرالر ڊرائيور شڪيل پٺاڻ اڃا تائين بازياب نه ٿي سگهيو آهي، جڏهن ته ڌاڙيلن مغوي جي وارثن کان 30 لک ڀنگ طلب ڪيو آهي، ان ڏس ۾ مغوي جي وارثن انڊس هاءِ وي تي 5 ڪلاڪ ڌرڻو هنيو، جنهن ڪري روڊ بلاڪ ٿي ويو ۽ سوين گاڏيون بيهجي ويون، احتجاج ڪندڙن عبدالله پٺاڻ، رفيق پٺاڻ، گلزار پٺاڻ ۽ عصمت الله محسود چيو ته 35 ڏينهن اڳ هٿياربند شڪيل پٺاڻ کي گاڏي لاهي کڻي ويا، پوليس سندس بازيابي لاءِ ڪا به ڪارروائي ناهي ڪئي. هنن چيو ته ڌاڙيلن مغوي جي آزادي لاءِ 30 لک ڀنگ طلب ڪيو آهي. هنن مطالبو ڪيو ته مغوي کي بازياب ڪرايو وڃي، 5 ڪلاڪن بعد ايس ايس پي شڪارپور اڳواڻن سان فون تي رابطو ڪري ٻن ڏينهن ۾ مغوي کي بازياب ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي، جنهن بعد احتجاج ختم ڪيو ويو.