لنڊن(دلچسپ نيوز) حملي کان بچڻ لاءِ منهن کي خطرناڪ بڻائيندڙ جيت هٿ اچي ويو آهي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب برطانيا، ڪوئيز لينڊ ۽ نيوگني ۾ ڪيٽر پلر نالي هڪ انوکو جيت هٿ آيو آهي. اهو جيت ڪنهن به شڪاري کي ڏسي منهن ڦوڪي ڇڏي ٿو.منهن ڦوڪڻ سبب ڪيٽر پلر انتهائي خطرناڪ بڻجي ويندو آهي، ماهرن موجب ان مٿو کوپڙي وانگر نظر اچي ٿو جنهن سبب شڪاري کي ڊپ ٿيندو آهي ته اهو جيت زهريلو نه هجي ۽ مٿس حملو نه ڪري.