ڪرمپور (رپورٽ: سيف الله بجاراڻي) ڪرمپور ويجهو ڪچي واري علائقي ۾ جتوئي ۽ جعفري برادري جي ٻن ڌرين ۾ چوپائي مال تان جهيڙو، فائرنگ ۾پيءُ پٽ سميت 3 ڄڻا قتل ٿي ويا،  ان ڏس ۾  ناپرڪوٽ ٿاڻي جي حد ڳوٺ سنهڙو جتوئي ۾ چوپائي مال تان ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو، جنهن دوران گوليون لڳڻ سبب حبيب جعفري، سندس پٽ منصور ۽ ڪرم علي جتوئي قتل ٿي ويا، اطلاع تي ناپرڪوٽ پوليس واقعي واري هنڌ پهچي 3 ڄڻن جا لاش کڻائي ٿاڻي تي آندا، جتان پوسٽ مارٽم لاءِ  مڙهه خانپور اسپتال منتقل ڪيا ويا، ان حوالي سان ايس ايچ او ناپرڪوٽ عبدالشڪور لاکو ٻڌايو ته ٻئي ڌريون ڪچي ۾ سرڪاري زمين تي قابض آهن، چوپايو مال ڪاهڻ جي معاملي تان ٻنهي ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن ۾ 3 ڄڻا مارجي ويا آهن، مارجي ويل حبيب جعفري پوليس کي گهربل هو، جنهن مٿان ڪيترائي ڪيس داخل آهن، هواڏنهن حبيب ۽ منصور جعفري جي وارثن جو چوڻ آهي ته جتوئي برادري جي هٿياربندن چوپايو مال ڪاهڻ جي ڪوشش ڪئي، مزاحمت تي اسان جي ٻنهي ڄڻن کي قتل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته مقتول ڪرم علي جتوئي جي ماءُ ٻڌايو ته سندس پٽ مال چاري رهيو ته جعفري برادري جي ماڻهن گوليون هڻي کيس قتل ڪيو آهي.