ڪراچي (رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ حڪومت پاران انساني صحت تي اربين رپيا خرچ ڪرڻ باوجود صوبي جون وڏيون سرڪاري اسپتالون عوام لاءِ بي فائده بڻيل، ڪراچي سول اسپتال، عباسي شهيد اسپتال، لياري جنرل اسپتال ۽ قطر اسپتال ۾ ايم آر آءِ مشينون ڪافي وقت کان خراب پيل، ڪراچي سول اسپتال ۽ لياقت آباد جنرل اسپتال جون سي ٽي اسڪين مشينون به ڏيڍ سال کان هلڻ لائق ناهن ! هڏين، دماغ ۽ ٻين خطرناڪ بيمارين جي تشخيص ڪندڙ مشينون سرڪاري اسپتالن ۾ اڻلڀ هجڻ سبب صوبي جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ايندڙ مريض خانگي اسپتالن ۾ مهانگو علاج ڪرائڻ جي مجبور آهن. ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب ڪراچي جي وڏي اسپتال رٿ فائو (سول اسپتال)، ٻارڙن جي سڀ کان وڏي اسپتال نيشنل انسٽيٽيوٽ آف چائلڊ هيلٿ ( اين آءِ سي ايڇ )، لياري جنرل اسپتال جون ايم آر آءِ مشينون خراب پيل آهن جڏهن ته ڪي ايم سي جي ماتحت هلندڙ عباسي شهيد اسپتال ۾ 11 سالن کان ايم آر آءِ مشين خراب پيل آهي! عباسي شهيد اسپتال جي سي ٽي اسڪين مشين به ٻن سالن کان خراب پيل آهي، سرڪاري ملازمن جي علاج جي سهوليتن لاءِ قائم ٿيل سروسز اسپتال ۾ پڻ ايم آر آءِ جي سهوليت ناهي. ان حوالي سان عباسي اسپتال انتظاميا جو چوڻ آهي ته سي ٽي اسڪين مشين ٺهرائڻ لاءِ 40 لک رپين جي سمري ڪي ايم سي اختيارين کي 2 سال اڳ اماڻي وئي هئي، جنهن جو اڃا تائين ڪو جواب ناهي آيو، سول اسپتال ڪراچي ۽ لياقت آباد جنرل اسپتال جون سي ٽي اسڪين مشينون خراب هجڻ ڪري مريضن کي مرضن جي تشخيص لاءِ خانگي اسپتالن ڏانهن اماڻيو وڃي ٿو. واضح رهي ته مريض خانگي ليبارٽرين مان 5 هزار کان 20 هزار رپيا ڀري ايم آر آءِ ۽ سي ٽي اسڪين ڪرائين ٿا.