سکر (بيورو رپورٽ) سنڌ ھاءِ ڪورٽ سکر بئنچ پاران وڏي وزير ۽ ڪابينا جي پگھار بند ڪرڻ وارو معامرو، عدالت طرفان پگھارون بند ڪرڻ وارو لکت ۾ آرڊر جاري ڪيو ويو. سنڌ ھاءِ ڪورٽ سکر بئينچ مارڪيٽ ڪاميٽي جي ملازمن کي پينشن نه ملڻ واري درخواست تي ٻڌڻي دوران وڏو فيصلو ٻڌائيندي وزير اعلي سنڌ سيد مراد علي شاھ سميت پوري ڪابينا جي پگھار بند ڪرڻ جو حڪم ڏنو ھو، جنھن جو لکت ۾ فيصلو جاري ڪيو ويو آھي. جسٽس آفتاب احمد گورڙ ۽ جسٽس فھيم احمد صديقي تي مشتمل سنڌ ھاءِ ڪورٽ سکر جي ڊبل بئنچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، ٻڌڻي دوران درخواست گذارن جي وڪيل سھيل احمد کوسو عدالت ۾ دليل ڏيندي ٻڌايو ته گذريل ٻڌڻي تي عدالت پاران ملازمن کي پينشن ڏيڻ جو حڪم ڏنو ويو ھو، جاري ڪيل لکت ۾ عدالتي آرڊر موجب 11 مئي تائين ريٽائرڊ ملازمن کي پينشن جاري ڪئي وڃي، جيستائين ملازمن کي پينشن جي ادائيگي نه ٿي ٿئي تيستائين سنڌ جي وڏي وزير ۽ سنڌ ڪابينا جون پگھارون بند رھنديون، جنھن بعد عدالت درخواست جي ٻڌڻي 11 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي. لکت ۾ آرڊر موجب رٽائرڊ ۽ فوتي ملازمن جي بيواھن کي چيڪ به جاري ڪيا ويا آھن پر اي جي ايگريڪلچر عدالت ۾ بيان جمع ڪرايو ته کين فنڊ ناھن، جنھن تي عدالت ڪاوڙ جو اظھار ڪندي سنڌ جي وڏي وزير توڙي سنڌ ڪابينا جون پگھارون بند ڪرڻ جو حڪم ڏنو.