ڪراچي: ڪراچي سول اسپتال جي ڪيٿ ليب جي مشين پڻ خراب پيل! سول اسپتال ڪراچي جي ڪيٿ ليب ۾ دل جي مريضن جي اينجيوگرافي ٿيندي آهي اها مشين پڻ ڪيتري ئي عرصي کان خراب پيل آهي، سمورن مريضن کي ٽراما سينٽر يا خانگي اسپتالن ڏانهن اماڻيو وڃي ٿو. ان حوالي سان معلوم ٿيو آهي ته سول اسپتال کي هر سال مشينن جي مرمت جي مد ۾ اڍائي ڪروڙ رپيا جاري ڪيا وڃن ٿا، انهي باوجود اسپتال انتظاميا دل جي بيمارين جي تشخيص ڪندڙ مشين جي مرمت تي 60 لک رپين جو خرچ ڪرڻ لاءِ تيار ناهي.