ڪراچي ۾ احتجاج ڪندڙ صحت کاتي جي ملازمن تي تشدد ۽ تذليل: 9 گرفتار

0
215
ڪراچي ۾ احتجاج ڪندڙ صحت کاتي

ڪراچي:  ڪراچي ۾ مطالبن جي مڃتا لاءِ  احتجاج ڪندڙ صحت کاتي جي ملازمن تي پوليس ڪڙڪي پئي، عورت ملازمن کي روڊ تي گهلي تذليل ڪئي وئي، 4 عورتن سميت 9 ڄڻا گرفتار ڪيا ويا آهن

گرينڊ هيلٿ الائنس جي سڏ تي صحت کاتي جي ملازمن سنڌ سيڪريٽريٽ کان وزيراعليٰ هائوس ڏانهن وڌڻ جي ڪوشش ڪئي ته پوليس کين روڪي ورتو، پوليس چڪرين کانپوءِ عورتن ۽ ٻين مظاهرين کي گرفتار ڪري اڻڄاتل هنڌ کڻي وئي

پوليس اهلڪارن پاران عورت ملازم کي گهلڻ واري وڊيو ٽائيم نيوز هٿ ڪري ورتي آهي، جڏهن ته عورت ملازمن کي تذليل جو به نشانو بڻائڻ جو الزام سامهون اچي رهيو آهي

گرينڊ هيلٿ الائنس طرفان صوبي جي سمورين اسپتالن ۾ او پي ڊيز جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪيو آهي

ھي به پڙھندا

سنڌ جي مختلف شھرن ۾ ھيلٿ گرينڊ الائنس جي سڏ تي او پي ڊيز جو بائيڪاٽ، مظاھرا، مريض پريشان

ٽن ڏينهن تائين مطالبا نه مڃيا ويا ته دمادم مست قلندر ٿيندو: گرينڊ هيلٿ الائنس