زراعت ۽ ان سان لاڳاپيل ماڻهن سان زيادتي ڇو؟

0
147
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

جڏهن به ڪنهن فصل لهڻ جي موسم ٿيندي آهي ته آبادگار پريشان هوندا آهن ڇاڪاڻ ته سرڪار انهن جو امدادي اگهه اڳواٽ مقرر نه ڪندي آهي پوءِ آبادگار مارڪيٽ جا محتاج هوندا آهن ۽ پنهنجي سيزن جي محنت سستي اگهه تي وڪرو ڪندا آهن. ڪڻڪ لهندي آهي ته آبادگارن کي باردانو ناهي ملندو،ساريون لهنديون آهن ته انهن جو اگهه مقرر نه هجڻ ڪري آبادگار اهي سستي اگهه تي وڪرو ڪرڻ تي مجبور هوندا آهن هن وقت لاڙ پٽي ۾ به ساريون في مڻ تي 400 رپيا گهٽ اگهه تي وڪرو ٿي رهيون آهن، جيڪڏهن ڪمند لهندو آهي ته مل مالڪ شگرملون هلائڻ ۾ دير ڪندا آهن  ته جيئن آبادگار مجبور ٿي سستي اگهه تي اهو ڪمند وڪرو ڪرڻ تي مجبور ٿين، ٻيو ته تازي ڪمند ۾ وزن وڌيڪ هوندو آهي جيڪڏهن ڪجهه ڏينهن اهو ٻني ۽ٽرالين ۾ پيو هوندو ته ان جو وزن گهٽجي ويندو جنهن جو نقصان آبادگارن کي ۽ فائدو مل مالڪ کي پوندو آهي ۽ سرڪار به لڳي ٿو ته انهن مل مالڪن سان ٻٽ هوندي آهي جو شگرملون وقت سر چالو ڪرائڻ کان ڪن لاٽار ڪندي آهي ۽ ڪمند جو اگهه به آبادگارن بدران مل مالڪن جي خواهش مطابق طئي ڪندي آهي. واپاري مڊل مين ۽ سرڪار سمجهي ٿي ته آبادگار پنهنجو تيار ٿيل فصل زمين تي گهڻي دير نه ٿا رکي سگهن ڇاڪاڻ ته انهن کي اڳئين فصل لاءِ به زمين گهرجي تنهن ڪري انهن جي خريداري ۾ دير ڪري آبادگارن کي مجبور ڪيو ويندو آهي ته اهي سستي اگهه ۾ پنهنجو فصل وڪڻن جنهن مان واپاري ،مل مالڪ ۽ مڊل مين ڪمائي سگهن.اهو سڄو مڪينزم ڄڻ ته اسان جي زراعت کي هٿ وٺي تباهه ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي .شگر مل چالو ڪرائڻ لاءِ ڪالهه هڪ اجلاس ٿيو آهي جنهن ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته 20 نومبر کان شگر ملون چالو ڪيون ويندويون پر ان اجلاس ۾ به ڪمند جو امدادي اگهه مقرر نه ٿي سگهيو آهي جنهن مان لڳي ٿو ته اهي شگرملون به وقت تي چالو نه ٿي سگهنديون.

اسان سمجهون ٿا ته هن وقت آبادگار معاشي طور پريشان آهن تنهن ڪري حڪومت کي گهرجي ته اهي سارين ۽ ڪمند جو امدادي اگهه مقرر ڪن ته جيئن اهي آبادگار سٺي اگهه تي ڪمند ۽ ساريون وڪرو ڪري پاڻ کي بدحالي کان بچائي سگهن ۽ ٻيو ته جيترو جلد ٿي سگهي شگرملون چالون ڪرائڻ کي ممڪن بڻايو وڃي ايئن نه ٿئي ته ڪمند جو اگهه مقرر نه ٿيڻ ڪري اهي شگرملون چالو نه ٿي سگهن ۽ اڳ ئي پريشان آبادگار وڌيڪ پريشانين کي منهن ڏين.