ڏک ۽ سک!

ڏکن سان وير ۽ دشمني به هر ماڻهو رکي ٿو ۽ انسان جي فطرت ۾ آهي ته آئون سکيو ستابو ٿي پنهنجي زندگي بسر ڪريان. پر سکن جو سايو هميشه  انسان تي ناهي رهندو. جڏهن ته انسان جيترو ڏکن مان پرائي ۽ سکي ٿو ايترو سکن مان نه ٿو سکي. سک وسندڙ ڪڪر جيان سايو ڇڏي هليا ويندا آهن، پر ڏک ۽ تڪليفون مضبوطي ۽ حوصلو پيدا ڪن ٿيون. ڏک انسان کي باصلاحيت، بردبار ۽ آدرشي انسان بڻائين ٿا. ڏکن کان پوءِ مليل سک جو حقيقي مزو ۽ چس الڳ آھي. ڏک انسان کي سڌاري، سينگاري سکن ۾ تبديل ڪندو آهي. مون پنهنجي زندگي ۾ اهڙا ڪيترائي ماڻهو ڏٺا آهن جن ڏکن ۽ تڪليفن سان مقابلو ڪري منزلون ماڻيون آهن، اهي پنهنجي الڳ سڃاڻپ رکن ٿا پر ڏک انهن کي هڪ بهادر، اٽل ۽ امر انسان ۽ جبل جيان مضبوط ڪن ٿا. جيڪي ماڻهو ڏکن کائڻ کانسواءِ سکيا ستابا رهيا اهي ميسارجي ويا. جن ماڻهن ڏک ڏسي پنهنجون منزلون طئي ڪيون اهي تاريخ ۾ امر ڪردار بڻجي ويا. تنهن ڪري دنيا ۾ جيڪو انسان چاهي ٿو ته آئون جلد سکيو ستابو ٿيان انهي لاءِ شارٽ ڪٽ ڳولي ٿو، ها! اهو عارضي ته سک حاصل ڪري سگهي ٿو پر هميشه لاءِ نه ٿو ٿي سگهي، ان لاءِ سخت محنت ڪرڻي پوندي. مثال ڪو والد چاهي ٿو ته منهنجو اولاد تعليم حاصل ڪري ڪهڙيون ڊيوٽيون ڪندو ۽ آفيسر ٿيندو ان ڪري منهنجو اولاد ڌنڌو ڪري ۽ شام جو چار ڏوڪڙ کڻي اچي، پر ڪجهه اهڙا والدين جيڪي بک سهي، سخت مزدوري ڪري پنهنجي اولاد کي تعليم ڏيارين ٿا ۽ جڏهن اهي سٺي تعليم حاصل ڪري ڪنهن سٺي پوسٽ/روزگار سان لڳي وڃن ٿا ته اهي نه صرف پنهنجو پر پنهنجي والدين جو نالو روشن ڪن ٿا ۽ جنهن والدين لالچ ڪري تعليم کان پنهنجي اولاد کي پرڀرو رکيو ۽ جڏهن اهو اولاد ڪنهن غلط صحبت ۾ اچي وڃي ته ڇا والدين سک حاصل ڪري سگهندو؟ اهڙا ڪيترائي انسان آهن جن کي گهڙي کن جي خوشي ۽ سک حاصل ڪرڻ لاءِ عمر ڀر جو پڇتاءُ ملي ٿو. تنهن ڪري اسان کي گهرجي ته ٿوري وقت جي سک حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي زندگي هميشه لاءِ عذاب نه بڻايون، ڏکن ۾ دل شڪسته نه ٿيون پر ڏک کي بهادر ٿي منهن ڏيون.

ڊاڪٽر ثانيا جروار/ ڊگهڙي

سيڪريٽري تعليم سنڌ سينئر استادن سان انصاف ڪري!

جيئن ته سنڌ ۾ ڪافي عرصي کان بند اسڪولن کي کولرائڻ لاءِ حڪومت سنڌ جي ڪاوشن سان ججھي تعداد ۾ بند اسڪول کولرائڻ لاءِ IBA جھڙي اداري کان بيروزگار اميدوارن کان ٽيسٽ ورتي وئي جنھن ۾ پاسنگ ريشو سٺ سيڪڙو بجاءِ ھارڊ ايريا ۾ 33 سيڪڙو تي نوڪري ڏيڻ جو فيصلو ٿيو. حالتن جي ستم ظريفي اھا آھي جو اھڙن پرائمري ٽيچر پاس اميدوارن کي وري ايليمينٽري سائيڊ وارن اسڪولن ۾ رکيو ويو جتي تمام گھٽ انرولمينٽ تي وڌيڪ استاد رکيا ويا ۽ پرائمري سائيڊ ڪلوز اسڪول جيئن جو تيئن بند ئي رھيا ۽ جڏھن تـ اسان NTS ۽ سنڌ يونيورسٽي ٦٠ سيڪڙو پاس استاد جيڪي گھٽ پگھار ھوندي به ٻين يوسيز ۾ پنج سالن تائين ڊيوٽي ڏئي جڏھن پنھنجي ھوم يوسيز ۾ بند اسڪولن ۾ آياسين ۽ پوءِ ھن وقت STR پاليسي تحت ھڪ استاد ھوندي بـ ٻيو غير ضروري استاد مقرر ڪري پاليسي جي ابتڙ مقرريون ڪيون ويون. ھاڻي جڏھن ننگرپارڪر ۾ ھارڊ ايريا جون ڪجهه اھڙيون يوسيز آھن جنھن ۾ گذريل ٽنھي مرحلن دوران اسڪول بند ئي رھيا ھن وقت نگر پارڪر تعلقي ۾ اسي اسڪول بند آھن. جڏھن تـ ايليمينٽري سائيڊ تي STR نوان پي ايس ٽي ايڪسٽرا مقرر ٿيل آھن جنھن کي ڪامورا رشوت عيوض بچائي اسان NTS پاس سينئر استادن کي آئوٽ يوسيز ۾ بدلي ڪن پيا. جن ھارڊ ايريا يوسيز ۾ اسان پنج سال ڊيوٽي ڏئي واپس پنھنجي ھوم يوسيز ۾ آيا آھيون ته ھڪ دفعو وري سياسي اثر رسوخ رکندڙ ڪامورا پنھنجي من پسند اثر رسوخ رکندڙ استادن کي بچائي خاص ڪري اسان سينئر استادن جون لسٽون ٺاھي بدليون ڪرڻ لاءِ توھان کي اماڻي رھيا آھن. براءِ مھرباني انھن تي نظرثاني ڪري سينئر استادن سان انصاف ڪيو وڃي ۽ ايليمينٽري سائيڊ تي غير ضروري نوان Psts کي بند اسڪولن ڏانھن موڪليو ويندو تـ سڀئي بند اسڪول کلي ٿي سگھن ٿا.

 مڪيش ميگھواڙ/ ننگرپارڪر

ڪاميابي جا 7 اصول: اچو ته عمل ڪريون!

اڄ اسان پنهنجي سلسلي کي ٽئين نقطي سان اڳتي وڌائينداسين.

3 شيون پهرين رکو:

اهو وقت جي انتظامڪاري ۾ شامل آهي. جڏهن اسان عادت نمبر 2 ۾ آخري مقصد جو فيصلو ڪيو ته پوءِ اسان آساني سان اهو فيصلو ڪنداسين ڪهڙو ڪم اسان جي مقصد سان ملندو ۽ ڪهڙو نه ملندو. ائين ڪرڻ سان اسين فرق معلوم ڪري سگھون ٿا:

1- تڪڙا ڪم: هي اهي ڪم آهن جن جي آخري تاريخ ويجهي هوندي آهي. جيئن ئي اسان کي ڪنهن جي فون ايندي آهي. پنهنجا سڀ ڪم ڇڏي ان فون کي اٽينڊ ڪندا آهيون، چاهي ضروري هجي يا نه. اهي تڪڙا ڪم اسان جو گهڻو وقت ضايع ڪري ڇڏيندا آهن. تنهن هوندي، اسان کي اسان جو وڌيڪ وقت اهم ڪم تي خرچ ڪرڻ گهرجي. اهي ڪم جيڪي اسان جي  منزل هجن ٿا، هاڻي توهان سڃاڻو ٿا اهو ڪهڙو ڪم آهي، جيڪو توهان کي هر روز ڪرڻو آهي. توهان جي خوابن کي پورو ڪرڻ لاءِ توهان پهرين ان بابت سوچيو.

اسٽيفن پنهنجي ڪتاب ۾ هن نقطي کي بيان ڪرڻ لاءِ بهترين مثال ڏئي ٿو. جيڪڏهن مان توهان کي هڪ بالٽي ڏيان ۽ توهان کي ڪجهه وڏا پٿر ۽ رسو ڏيان. انهن پٿرن جو مطلب آهي توهان جو اهم ڪم ڪهڙو آهي؟  هي تڪڙي ڪم ڏانهن اشارو ڪري ٿو. جيڪڏهن توهان پهرين بالٽي ڀريندؤ، اهي اهم پٿر ڇڏي ڏيندا. جيڪڏهن توهان پهريان وڏا پٿر رکي ۽ مٿي کان وهڻ شروع ڪيو ته هاڻي بالٽي کي ٿورڙو هڻو ته ڏسندؤ ته سڄو پٿر وڏن پٿرن جي وچ ۾ اچي ويو آهي. اسان جي زندگيءَ جو وقت پڻ هن طرح آهي، جيڪڏهن اسان پنهنجو ضروري ڪم پهرين ڪري وٺون ته اسان سرگرمين کي پاڻ ترتيب ڏئي سگهون ٿا.

4  ڪاميابي جو سوچيو

هي نقطو سوچ سٺي ٿيڻ جي باري ۾ نه آهي، نه ئي اها هڪ تڪڙو درست ڪرڻ واري ٽيڪنڪ آهي. اهو انساني رابطي ۽ تعاون لاءِ ڪردار تي ٻڌل ڪوڊ آهي. اسان مان گھڻا خود اعتمادي مقابلي سان سکندا آھن. اسان ڪنهن ٻئي جي ناڪامي جي لحاظ کان ڪاميابي جي باري ۾ سوچيون ٿا. جيڪڏهن مان کٽيو، توهان هارايو؛ يا  توهان کٽيو، مان هارائيندس. زندگي هڪ سفر، پئسو يا راند بڻجي وڃي ٿي. چوڌاري وڃڻ لاءِ صرف ايترو ئي ٽڪرو آهي ۽ جيڪڏهن توهان هڪ وڏو ٽڪرو حاصل ڪيو ته منهنجي لاءِ گهٽ بچندو. اهو مناسب ناهي ۽ مان پڪ ڪرڻ وارو آهيان ته توهان کي وڌيڪ نه ملي. اسان سڀ راند کيڏون ٿا، پر حقيقت ۾ ڪيترو مزو آهي؟  Win-Win  وارو رويو زندگيءَ کي ڪوآپريٽو ميدان طور ڏسي ٿو. Win-win جو مطلب آهي معاهدو يا حل گڏيل طور تي فائدي وارو ۽ اطمينان بخش. اسان ٻنهي کي کاڌو کائڻ لاءِ مليو ۽ ان جو ڏاڍو سٺو ذائقو آهي. کٽڻ لاءِ، توهان کي نه رڳو پرجوش هجڻ گهرجي، پر توهان کي اعتماد پڻ هجڻ گهرجي. توهان کي نه رڳو پرواهه ۽ حساس هجڻ گهرجي، پر توهان کي بهادر پڻ هجڻ گهرجي. جرئت ۽ غور جي وچ ۾ اهو توازن حقيقي پختگي جو جوهر آهي ۽ کٽڻ لاءِ بنياد آهي.

عبدالحيلم ڏاهري

سنڌ پوليس وٽ ڪرمنلز جي ڊيٽا محفوظ!

سنڌ پوليس وٽ پنجاب ۽ بلوچستان جي تعاون سان 20 لک ڪرمنلز جي ڊيٽا محفوظ آهي. جنهن سلسلي ۾ ڪي پي ڪي حڪومت سان به رابطن جي ڪوشش جاري آهي. شهر اندر اسٽريٽ ڪرائم وڌڻ جي اصل وجه منشيات جو استعمال آهي. هر قسم جي ڏوهه تي ڪنٽرول ڪرڻ پوليس جي ذميواري آهي. آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ ٻڌايو ته جيل اندر قيدين جو سروي ڪيو ويو ته جيل ۾ قيد 61 مان 31 اسٽريٽ ڪرمنل اهي هئا جيڪي منشيات جا عادي هئا. پوليس ڏوهارين خلاف ان وقت تائين ڪامياب نه ٿي ٿي سگهي جيستائين عوام جو تعاون حاصل نه ٿئي. منشيات جي روڪٿام لاءِ اينٽي نارڪوٽڪس فورس ۽ ايڪسائيز ڊپارٽمنٽ جي ذميواري آهي. پر پوليس تي به منشيات جي روڪ ٿام لاءِ وڌيڪ ذميواري ٿئي ٿي. وزيراعلى سنڌ به شهر ۾ ڏوهن جي روڪٿام لاءِ گهڻو متحرڪ آهي. جيڪو چاهي ٿو ته ڪراچي شهر ڪرائيم کان پاڪ ٿئي. پوليس ۾ موجوده ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جو نظام پيچيده آهي. ان ۾ عوام لاءِ آساني هجڻ گهرجي.

محمد اسلم ماڪو/پنوعاقل

ڇا خيرپورضلعي مان ڪاري ڪامڻ جو خاتموٿي سگھي ٿو

ايئن تھ سنڌ جي اترين علائقن ۾ ڪاري ڪامڻ جنھن کي سائي بھ سڏيو ويندوآھي ۽ ڊاڪٽري جي ٻولي ۾ ھيپاٽائٽس جو لقب ڏنو وڃي ٿو، جيڪا بيماري خيرپور ضلعي جي اٺن ئي تعلقن ۾ وڏي اڪثريت سان ڦھليل ھجڻ ڪري ماڻھن ۾ خوف آھي.  انھي بيماري ڪيتريون انساني جانيون ڳڙڪايون آهن.  سائي جي بيماري جا حصا ٿين ٿا ھڪ کي سائي بي ۽ ٻئي کي سائي سي جي نالي سان پڪاريو ويندو آھي. ڄاڻايل بيماري انساني وجود ۾ جڏھن بھ داخل ٿيندي آھي تھ اھا پھرين ماڻھو جي اکين مان نظر اچڻ شروع ڪندي آھي. پوءِ آھستي آھستي پوري جسم تي ڪنٽرول ڪندي آخر ماڻھو کي موت جي منھن ۾ کڻي وڃڻ کانپوءِ ڪنھن بھ ھلڪي ڦلڪي علاج کي نٿي مڃي تھ پوءِ اھڙي بيماري جي وائرس پکڙجڻ کان پھرين ھر ماڻھو کي وئڪسين ٿيڻ ضروري بڻجي وئي آھي. ليڪن صحت کاتي پاران اھڙا اڳواٽ اپاءُ نھ پيا ورتا وڃن فيض گنج ۽ ٺري ميرواھ جي تعلقن ۾ اڪثر سائي جي مريضن جو کوڙ سارو تعداد ٻڌايو پيو وڃي پرانھن تعلقن جي سرڪاري اسپتالن ۾ ڪاري ڪامڻ جي وئڪيسن جو ملڻ ڏاڍو مشڪل آھي. سرندي وارا تھ  ڳري رقم واري سوئي وٺي استعمال ڪندا رھن ٿا پرغريب مسڪين پورھيت مريض ماڻھو وقت سر علاج نھ ٿيڻ ڪري چڙي چڙي مري وڃي ٿو. اسين صحت کاتي جي صوبائي وزير عذرا پيچوھو ۽ صحت جي سيڪريٽري سميت ضلعي جي ڊي ايچ اوز کي مخاطب ٿيندي چوڻ چاھيون ٿا ته خدارا ڪاري ڪامڻ جي خاتمي لاءِ سرڪاري ڊاڪٽرن جون ٽيمون جوڙي بيماري جو مڪمل خاتمو آندو وڃي تھ جيئن انساني زندگيون بچي سگھن.

گل بيگ چانگ

خودڪشي ڪندڙ عورت جو پنھنجي جيون ساٿي ڏانھن لکيل خط

اي منهنجا جيون ساٿي! اڌ رات لڙي آھي، چنڊ آسمان جي وچ تي چمڪي رهيو آھي، توکي ننڍ ۾ سُتل ڇڏي وڃان ٿي ڪيڏو نه سُڪون سان سُتو آھين، نه پيٽ جي ڳڻتي نه وياج جو ڊپ نه مٿي تي تغاري نه ڪو ڪلهن تي بوج. صبح جو اُٿندين ته وري ساڳيا سُور جيڪي آئون هاڻ ڏسي نه ٿي سگهان. آئون توکي ائين ئي پُرسڪون ڏسي سڪون سان مري سگهان ٿي. ببلو پينگهي ۾ اڌ بُکايل آھي جنھن کي سنجهي مان سُڪل ڇاتيءَ ڌارائي هُئي، صغير ٻار کي يتيم ڇڏڻ زندگيءَ جو وڏو ڏُک آھي، اِهو ڏُک ڀوڳي سگهان ٿي پر روز بُک ۾ رڙيون ڪندي ڏسي نه ٿي سگهان. منهنجي هٿ جي پڪل ماني آخري ڀيرو ضرور کائجان جيڪا مون رات پچائي رلڪي ۾ ويڙھي ڇڪي ۾ ٽنگي رکي آھي. گيھه سان مکيل ته ناھي  پر منهنجي لُڙڪن جو ذائقو ضرور اٿس. آئون تنهنجي اجازت بنا اڄ پهريون ۽ آخري دفعو وڏو ڪم ڪرڻ وڃي رهي آھيان، تنهنجي اجازت بنا مون ڪڏھن ماني به نه کاڌي هئي پر اڄ ڦاهي کائڻ وڃي رهي آھيان. توکي خبر آھي غريبن جي ٻارن کي جڏھن بُک لڳندي آھي تڏھن ڦاهي کائيندا آھن ڇاڪاڻ ته ماني مهانگي آھي ۽ ڦاهي سستي آھي ان ڪري اڄ آئون به ڍئو ڪرڻ وڃان پئي.

اي منهنجا واهيلا ور ڌڻي! منهنجي هن کنيل قدم تي روئجانءِ نه تون روئندينءَ ته منهنجو روح تڙپندو، جسم ته اڳي ئي گهڻو تڙپيو آھي هاڻي روح کي تڙپائڻ نه ٿي چاهيان. مون توکي اڳي ئي گهڻو روئاڙيو آھي، توکي ياد هوندو جڏھن پنهنجي پاڙي ۾ شادي هُئي سڀني عورتن جي هٿن ۾ نيون چوڙيون ۽ نوان وڳا هُئا هڪڙي آئون ئي هئس جنهن وٽ سڀ ڪجهه پُراڻو هو. تون مون کي ڏسي ڏاڍو رُنو هُئين تڏھن مون تنهنجا لُڙڪ اُگهندي چيو هو ته چريا ڪپڙا صرف امير پائيندا آھن غريب ته فقط اوگهڙ ڍڪيندا آھن. اُن مهل توکي سموري ڪائنات اُگهاڙي لڳي هُئي. توکي ياد آھي جڏھن پنهنجو ببلو منهنجي پيٽ ۾ ھو ته منھنجو من مڇي کائڻ جي آس ڪري ويٺو هو ۽ تون سڄو ڏينهن ڳوٺ ۾ اُڌارن پئسن لاءِ اُڃايل هرڻ جيئن لُڇيو هُئين پر ڪنهن به توکي ٻه پئسه اُڌارا ڪونه ڏنا هُئا. اُن ڏينهن ڳوٺ ۾ سڀرن جي پيتين ۾ پيل پئسا شرم ۾ ٻُڏي ويا هُئا تون پنهنجي بيوسيءَ تي ٻارن جيئن رُنو هُئين تڏھن مون چيو هو ته چريا پاڻ غريب آھيون غريب جن کي خيرات جو ڀت به عزت سان ناهي ملندو سو پئسو ڪٿان ملندو؟ پاڻ وياج تي پئسا کڻي ڪو فائيو اسٽار هوٽل ۾ ويهي پيزا ڪونه کاڌا هُئا ۽ نه ئي وري ڪنهن ٽُوئريسٽ اسپاٽ تي وڃي شيمپيئن اُڏائي هُئي پر پاڻ ته ٻني پوکڻ لاءِ ٻج ورتو هو. برسات جي بيوفائي سبب ٻج به واپس نه وريو ته اُن ۾پنھنجو ڪهڙو ڏوھ؟ پاڻ ته سڄو ڏينهن ٻني کي واڙ ڪندي رات جو ٿڪي ٽُٽي ڪِري پوندا هُئاسين. پاڻ کي ڪهڙي خبر ته وياج رات ڏينهن سمهندو ئي ناهي، اها خبر هجي ها ته پاڻ سمهون ئي ڪونه ها وياج وڌندو ويو ۽ پاڻ قرضي ٿي وياسين. قرض چُڪائڻ لاءِ ڪا شيءَ نه هُئي نيٺ تو منهنجي ڳچي جي سنگھري نه گهُري جيڪا آئون جيئري نٿي ڏيئي سگهيس، ان ڪري مون کي مرڻو پيو اها سنگھري جيڪا منهنجي ماءُ جي هٿ جي ڏنل آخري نشاني هُئي، پنهنجي سهاڳ جي اڪيلي سُونهن هُئي اُھا توکي ڏيان ها ته پاڙي واريون مايون مهڻا ڏين ها ته بُکين ٽول وڪڻي ڇڏيا. اُنهن کي ڪهڙي خبر ته مجبوري ماءُ تي گار جهڙي اذيتناڪ هوندي آھي جيڪا زيور يا زمين ناهي ڏسندي. تنهنجي مجبوري ۽ بيوسي فقط آئون ئي سمجهي سگهان ٿي، آئون جيڪا تنهنجو اڌ آھيان تنهنجي بدن تي وستر جيان ويڙھيل آھيان تون وڻ آھين ته آئون ڇانوَ آھيان تون ڪڪر آھين ته آئون ورشا آھيان.

توکي اهو ڏينهن ته چٽو ياد هوندو جنهن ڏينهن پنهنجي گهر ۾ اٽو ڪونه هو. توکي پنڌرنهن ڏينهن کان ڪٿي ڪا مزوري ڪونه ملي هئي ۽ آئون تسيو کڻي پاڙي مان اُڌارو اٽو وٺڻ ويئي هئس نما شام جو ٽاڻو هو پاڙي واري مائي اهو چئي اٽو ڪونه ڏنو ته اوهين واپس ڪنهن مان ڏيندا..؟ خالي تسيو ۽ ڀريل نيڻ کڻي واپس آئي هئس تو چيو هو ته اڄ ورت ٿا رکون. مون چيو ورت ته ڏينهن جو رکندا آھن، تو سُڏڪندي وراڻيو هو چري! غريبن جون گهڻيون راتيون روزن ۾ گذرنديون آھن. اها سڄي رات پاڻ روئندي گُذاري هُئي، اهڙا ڪيئي واقعا آھن جن جي ڪري هاڻ جيئڻ تان ارواھ ئي کڄي ويو آھي. پاڻ به انسان آھيون هر انسان جون حسرتون هونديون آھن زندگيءَ ۾ جيڪڏھن هڪڙي به حسرت پوري نه ٿئي، سڀئي ارمان اڌُورا رهجي وڃن ته پوءِ اهڙي زندگيءَ سان وفا ڪرڻ ۾ ڪهڙو فائدو. آئون جڏھن توکي تغاريون کڻندي ڏسندي هئس تڏھن پنهنجي منهن اڪيلي سڄو سڄو ڏينهن روئندي هئس، نيٺ سوچيم روئڻ سان ڇا ٿيندو. ڪجهه ور سان هٿ ونڊايان سو ان ڪري پاڙي وارن گهرن ۾ وڃي ڪنهن جا ويڙھا ٻهاريندي هئس ته ڪنهن جي اوٽن لاءِ ڇيڻو کڻندي هئس، ڪنهن جا ڪپڙا ڌُوئيندي هئس ته ڪنهن جو اٽو پيهندي هئس. بدلي ۾ ڪي مايون رُکا ٽُڪر ڏينديون هُيون ته ڪي رحم کائي ٻه پئسا روڪڙا به ڏينديون هُيون

الا پيٽ لاءِ ڇا ڇا نه ڪيو پر ائين گهرن ۾ پيٽ لاءِ پاپرا ڪرڻ پرايو گند ٻُھارڻ تمام ڪٺن ڪم هوندو آھي. چوندا آھن ته ڏاهو ٿي ڪنهن ڪمايو ناهي ۽ چريو ٿي ڪنهن وڃايو ناهي، سو انساني زندگي ۾ قسمت جو وڏو عمل دخل هوندو آھي ۽ قسمت هميشه ڏٻرن کي ڏُک ڏيندي آھي جسم جي هڏي اها ئي ٽُٽندي آھي جيڪا ڪمزور هوندي آھي. واڙ اُتان ئي جهرندي آھي جتان اَڀري هوندي آھي، توکي دنيا ڀلي نڀاڳو، ڪم چور ۽ هڏ حرام چئي پر تون مون لاءِ هيرو آھين. تو تَتي ڏينهن جو تغاريون کڻي منهنجو پيٽ پاليو توکي ڪيئن چوان ڪم چور تون ته منهنجي مٿي جو موڙ آھين.

پورو مهينو هٿ جون آڱريون رت ڪري نور نچوئي ڀرت ڀريم ته هن جي اجوري مان ڀاءُ جي شادي تي ڀاڄائي لاءِ ڪپڙن جو وڳو وٺي ويندس پر جڏھن ڀرت ڀرائڻ وارو سيٺ واپس گادڪيون کڻڻ آيو، تڏھن پنجاھ  رپيا في گادي جي حساب سان ڏنائين ڏھ گادين جا پنج سو روپيا ۽ دجالي دور جنھن ۾ مھانگائي آسمان سان پئي ڳالھيون ڪري، تنھن ۾ نه ڀاڄائي لاءِ وڳو وٺي سگهيم نه قرض چڪائي سگهيم. هاڻ انهي پنج سئو  روپين ۾ شايد منهنجو آخري سفيد جوڙو  به مشڪل ٿي سگهي. اهڙين حالتن ۾ پاڻ غريبن جي جيئڻ جو ڀلا ڪهڙو جواز آھي؟ پورهئي جو اجورو نه مليو وياج خور وياج لاءِ تنگ ڪيو مالڪ مينهن نه وسايو پيٽ جي بُک نه اُجهي، سو سڀ منھنجا سانولا وري اُن جنم ۾ ملنداسين جنهن ۾ انسانيت عروج تي هوندي، جنهن ۾ بُک ماڻهو نه کائيندي جنهن ۾ رت ولوڙيل پورهئي جو اجورو صحيح ملندو، ها وري اُتي ملنداسين جتي وياج جو رواج نه هوندو جتي ڍئو تي ماني ملندي، جتي گرڀوتيءَ کي مور ۾ مڇي سولي ملي سگهندي. جتي قرض جهڙي مرض کان ڇوٽڪاري لاءِ ڪا به  ڳچي سنگھري جي قرباني نه ڏيندي. جتي ٿڃ پياڪ ٻار جي کير لاءِ ڪا به ماءُ پنهنجي عصمت وڪڻڻ تي مجبور نه هوندي، جتي نما شام جو تسيا کڻي ڪنهن کان اٽو اُڌارو نه وٺڻو پوندو، جتي بدن تي اڳڙيون نه پر پوشاڪ پائي سگهنداسين. ها اُتي ملنداسين جتي انسان تسليم ڪيا وينداسين ايستائين الوداع ڪيان ٿي!

ابراهيم لنڊ/ڪلوئي ٿرپارڪر

ٻوڏ جون اڻپوريون امدادي ڪوششون ۽ سياري جو اچڻ

ڪجهه مھينا پھريان زحمت جيان مينھن وسڻ سبب پاڪستان جي اڪثر آبادي متاثر ٿي. طوفاني برساتن پاڪستان جي تاريخ ۾ ھڪ بدترين ٻوڏ کي جنم ڏنو، جنھن سان لڳ ڀڳ 1500 ماڻهو مري ويا آهن ۽ 33 ملين کان وڌيڪ ٻوڏ متاثر ٿيا آهن. جنھن ۾ سنڌ ۽ بلوچستان جي صوبن جي ماڻهن کي وڏو نقصان رسيو. ڪيترائي ماڻھو بيگھر، بيوس، لاچار، لاوارث، ڦاٿل، ڀٽڪيل، روڊن، ۽ رستن تي بي يارو مددگار نظر آيا. بلڪه ھينئر تائين ائين ئي روئندي، رڙندي، نظر اچي رهيا آهن. لکين گهر، اسپتالون، مسجد و مندر، تعليمي ادارا ڊھي پٽ ٿيا ۽ زرخيز زمينون، چوپايو مال پڻ لڙھي ويو. جيئن ته ڪيترن ئي علائقن مان ٻوڏ جي پاڻيءَ جو مقدار گھٽجي ته ويو آهي، پر مختلف بيمارين کي جنم پڻ ڏنو اٿس، جنھن ۾ ڪمزوري، غذائي کوٽ، دست، مليريا، ڊينگي بخار، ٽائيفائيڊ ۽ چمڙي جون بيماريون سرِ فهرست آھن. حڪومت جي اڻپورين ڪوششن سبب ڪيترائي متاثر امداد جا منتظر آھن. لکين ماڻهن کي غذائي امداد جي ضرورت آهي ۽ هڪ ملين ماڻهو بغير ڪنهن پناهه گاھن جي زندگي گذاري رهيا آھن. ان دؤران سنڌ ۽ بلوچستان جا متاثر علائقا صحت جي سهولتن کان پڻ محروم ٿيا آھن. پنجن سالن کان گهٽ عمر وارن ھر 9 ٻارن مان هڪ ٻار سخت غذائي کوٽ ۾ مبتلا ڏٺو ويو آھي. مختلف علائقن ۾ پاڻي بيهڻ ڪري ھن سال ٿڌ جي شدت ۾ اضافو ٿيڻ سان گڏوگڏ ٻوڏ متاثرن جي مشڪلاتن ۾ پڻ اضافو ٿيندو. ڇاڪاڻ ته حڪومت جيتري امداد پنھنجي نااهل ۽ ڪامورن اڳواڻن کي ڏني، انھن صرف چند ماڻهن کي اھا امداد ڏئي، مشهوري ماڻڻ لاءِ تصوير ڪڍرائي سوشل ميڊيا تي رکيون ۽ بقايا امداد پنھنجي بيٺڪن ۾ لڪائي ڇڏي. سياري جي ويجهو اچڻ سان ٻوڏ متاثر علائقن جي صورتحال وڌيڪ خطرناڪ ٿيندي پئي وڃي ۽ جيڪڏهن فنڊن جي کوٽ رهي ته صورتحال قابو کان ٻاهر ٿي ويندي.

سمير ساگر قريشي/حيدرآباد