ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ڪورونا ڪيس گهٽ ڇو نه ٿا ٿين ؟

0
429
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

سڄي ملڪ مان ڪورونا جي گهٽجڻ جون بهتر ۽ اميد واريون خبرون اچي رهيون آهن پر سنڌ جا ٻه وڏا شهر اڃان تائين انهي خطري هيٺ آهن جتي ڪورونا مثبت ڪيسن جي شرح خطري واري حد تي بيٺل آهي جنهن ڪري هر وقت اهو خطرو رهي ٿو ته اهي ڪيس وري سڄي سنڌ ۽ ملڪ ۾ ڪورونا جي ڪيسن جي وڌڻ جو سبب بڻجي سگهن ٿا ڇاڪاڻ ته سنڌ جو گادي وارو هنڌ ڪراچي اهڙو شهر آهي جنهن ۾ پاڪستان جي ڪنڊ ڪڙڇ جا ماڻهو رهن ٿا يا انهن جي اچ وڃ جاري آهي جنهن ڪري اهي ڪورونا جا ڪيس انهن جي چرپر سبب پکڙجي ٻين علائقن تائين پهچي سگهن ٿا تنهن ڪري بهتر حڪمت عملي ۽ عوام جي سهڪار سان ملڪ جي ٻين حصن جيان ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ به ڪورونا جي وڌندڙ ڪيسن مان جان ڇڏائي سگهجي ٿي.
ڪورونا جي پهرين لهر دوران جنهن صوبي انهي وبا کي سڀ کان وڌيڪ اثرائتي نموني منهن ڏنو يا حڪمت عملي جوڙي اهو سنڌ صوبو هو، جنهن ڪري ان جا سياسي مخالف به سنڌ حڪومت جي تعريف ڪرڻ کان رهي نه سگهيا ،ايستائين جو لڳاتار وفاق پاران سنڌ جي کنيل قدمن جي مخالفت سبب انهي وفاقي حڪومت کي به تنقيد جو نشانو بڻجڻو پيو ۽ پوءِ دنيا ڏٺو ته پنجاب ۽ ڪي پي جتي پي ٽي آءِ جون حڪومتون هيون انهن به وفاق جي مخالفت باوجود سنڌ جي کنيل قدمن جي حمايت ڪندي پنهنجن صوبن ۾لاڪڊائون ڪيو جنهن کانپوءِ وفاق کي به مجبور ٿي اهي قدم کڻڻا پيا. ڪورونا جي ٽين لهر جي شروعاتي مرحلي ۾ ته سنڌ ۾ ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾مثبت ڪيس گهٽ هئا پر هاڻي جيئن جيئن وقت گذرندو ٿو وڃي ٻين صوبن ۾ ڪيس گهٽجي رهيا آهن ۽ سنڌ جي مکيه شهرن ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ اها خطري واري صورتحال برقرار آهي، تنهن تي حڪومت کي سوچڻ گهرجي ته هن ڪورونا جي ٽين لهر ۾ آخر اهڙو ڇا ٿيو آهي جو سنڌ حڪومت انهي کي قابو پائڻ ۾ ناڪام نظر اچي رهي آهي. هن وقت آبادي جي حساب سان سنڌ ۾ ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ ويڪسينيشن ٿيڻ وارو عمل به سڀني کان وڌيڪ آهي ته پوءِ آخرڪار انهن ٻنهي شهرن ۾ اها شرح گهٽ ٿيڻ جو نالو ڇو نه ٿي وٺي. جيڪڏهن انهي جو جائزو وٺجي ته اهي سبب ٿي سگهن ٿا ته هڪ ته اهي ٻئي شهر وڏي آبادي وارا شهر آهن جنهن ڪري اتي ماڻهن جي اچ وڃ ٻين شهرن جي ڀيٽ ۾ محدود ڪرڻ ممڪن ناهي، ٻيو سبب اهو ٿي سگهي ته انتظاميا جيڪا حڪومتي هدايتن تي عمل ڪرائڻ جي پابند آهي اها انهي انداز سان حڪومتي هدايتن تي عمل ڪرڻ لاءِ قدم نه کڻي رهي آهي. ٽيون سبب اهو ٿي سگهي ٿو ته عوام هاڻي انهي ڪورونا وبا کي ايترو سنجيده خطرو نه پئي سمجهي جيترو وڏو خطرو موجود آهي ۽ شهري حڪومتي ايس او پيز تي عمل نه پيا ڪن.
اسان سمجهون ٿا ته ڪهڙا به سبب هجن پر انهي ڪورونا جي خطري کي منهن ڏيڻ يا انهي کي پکڙجڻ کان روڪڻ جي ذميواري سنڌ حڪومت جي آهي جنهن کي عوام جي سهڪار کانسواءِ پکڙجڻ کان روڪي نه ٿو سگهي. جيڪڏهن عوام سهڪار نه ٿو ڪري ته انهي کي سختي سان ايس او پيز تي عمل ڪرڻ لاءِ حڪومت کي قدم کڻڻا پوندا جيڪڏهن ڪي انتظامي آفيسر غفلت يا غير ذميواري جو مظاهرو ڪري رهياآهن ته انهن خلاف هر حال ۾ ڪارروائي ڪري برجستا انتظامي آفيسر مقرر ڪيا وڃن ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن ڪنهن به سبب جي ڪري انهي ڪورونا کي پکڙجڻ کان نه روڪيو ويو ۽ ٻنهي شهرن ۾ ڪيسن جي مثبت شرح گهٽ نه ٿي ته پهرين ۽ ٻي لهر دوران سنڌ حڪومت جيڪي اثرائتا قدم کنيا هئا، اهي اجايا ويندا ۽ هر وقت سڄي صوبي ۾ اها وبا وري ڦهلجڻ جو خطرو موجود رهندو.