اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) ڪراچي جي قومي تڪ اين اي 249 تي ننڍي چونڊ ۾ 143 اليڪشن ڀڃڪڙين جي نشاندهي، اليڪشن ڪميشن حتمي نتيجو روڪي ڇڏيو، ٻيهر ڳڻپ بابت درخواست 4 مئي تي ٻڌڻي مقرر، ڌرين کي نوٽيس جاري ڪيا ويا. ليڪشن ڪميشن ڪراچي جي قومي اسيمبلي تڪ اين اي 249 جا حتمي نتيجا روڪي ڇڏيا، نواز ليگ اميدوار مفتاح اسماعيل جي درخواست تي اليڪشن ڪميشن جي ٻه رڪني بينچ حتمي نتيجا روڪڻ جو حڪم جاري ڪندي موقف اختيار ڪيو ته ڪميشن درخواست مان مطمئن آهي ۽ اهو اليڪشن ڪميشن جي مداخلت جو ڪيس آهي. اليڪشن ڪميشن موجب ٻيهر ووٽن جي ڳڻپ جي درخواست 4 مئي تي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪئي وئي آهي، جنهن لاءِ ڌرين کي نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن. واضح رهي ته اين اي 249 ڪراچي ۾ نواز ليگ اميدوار مفتاح اسماعيل ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ جي درخواست ڏني هئي29 اپريل تي ٿيل ننڍي چونڊ ۾ پ پ اميدوار قادر خان مندوخيل ڪامياب قرار ڏنو ويو هو، جڏهن ته مفتاح اسماعيل ڪجهه ووٽن جي فرق سان ٻئي نمبر تي رهيو. جڏهن ته نوا ليگ اميدوار مفتاح اسماعيل اليڪشن ڪميشن ۾ درخواست جمع ڪرائي هئي، جنهن ۾ سموري تڪ ۾ ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ ڪرائڻ ۽ فارم 45 ۽ 47 دوران ووٽن جي آيل فرق جي نشاندهي ڪندي فارنزڪ آڊٽ ڪرائڻ جي به درخواست ڪئي هئي، درخواست ۾ اهو به چيو ويو آهي ته ان تڪ تي ڪاميابي جو مارجن پول ٿيل ووٽن کان 5 سيڪڙو يا 10 هزار کان گهٽ آهي، جنهن ڪري منهنجي ٻيهر ڳڻپ واري درخواست منظور ڪئي وڃي، جنهن تي اليڪشن ڪميشن مفتاح اسماعيل جي ٻيهر ڳڻپ لاءِ درخواست ٻڌڻي لاءِ منظور ڪئي آهي. هوڏانهن اين اي 249 ڪراچي تي ٿيل ضمني چونڊ بابت فيئر ايندر فري اليڪشن نيٽ ورڪ (فافين) پنهنجي مشاهداتي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي، رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته اين اي 249 ۾ ٿيل ضمني چونڊ دوران ووٽن جو ٽرن آئوٽ 21.6 سيڪڙو رهيو، جڏهن ته 2018ع جي عام چونڊن دوران انهيءَ تڪ تي ووٽرن جو ٽرن آئوٽ 40 سيڪڙو هو، رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته 98 پولنگ اسٽيشنن جي ٻاهر ووٽرن چونڊ عمل کي تسلي بخش قرار ڏيندي اعتماد جو اظهار ڪيو، انهيءَ تڪ تي ٿيندڙ ضمني چونڊ دوران 143 چونڊ ڀڃڪڙيون مشاهدي ۾ آيون، جن مان 11 سنگين نوعيت جون هيون، جن ۾ پولنگ عملي پاران ووٽرن کي ووٽ جو حق استعمال ڪرڻ ڏيڻ کانسواءِ ئي واپس موڪلڻ به شامل آهن، ضمني چونڊ ۾ 12 سياسي پارٽين ۽ 18 آزاد اميدوارن حصو ورتو، انهيءَ تڪ تي ڪامياب ٿيل اميدوار ڪل پول ٿيل ووٽن جو 22 سيڪڙو ووٽ حاصل ڪيا، جڏهن ته 2018ع ۾ انهيءَ تڪ تي فيصل واوڊا ڪل پول ٿيل ووٽن مان 27 سيڪڙو ۽ شهباز شريف 26 سيڪڙو ووٽ حاصل ڪيا هئا، پ پ پ اميدوار 2018ع جي چونڊن ۾ ڪل پول ٿيل ووٽن جا 6 سيڪڙو ووٽ حاصل ڪيا هئا، ننڍي چونڊ دوران سيڪيورٽي عملي عوام سان تعاون ڪيو، پولنگ عملي پاران ووٽرس سان بدتميزي جو هڪ واقعو به مشاهدي ۾ آيو، هڪ پولنگ اسٽيشن تي پولنگ عملي ڳڻپ جي عمل جي مشاهدي ڪرڻ جي اجازت نه ڏني، 4 پولنگ اسٽيشنن تي فارم 45 پولنگ ايجنٽن کي مهيا نه ڪيو ويو، جڏهن ته 7 پولنگ اسٽيشنن تي پولنگ عملي طرفان پولنگ اسٽيشن ٻاهران فارم 45 نه لڳايو ويو، ٽن پولنگ اسٽيشنن جي عملي فارم 45 فافن جي آبزرور کي فراهم نه ڪيو.

ڪراچي (رپورٽ: فقير سليم ) پي ڊي ايم جي سيڪريٽري ۽ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي الزام هنيو آهي ته اين اي 249 تي ننڍي چونڊ دوران اليڪشن ڪميشن ڌر بڻيل رهي، اسانجي اطلاعن مطابق اڃا تائين آر او کي 34 پولنگ اسٽيشنن جا نتيجا ناهن مليا، اسانجا توڙي ٽي ايل پي جا ووٽ فارم 45 جي ووٽن کان وڌيڪ آهن، ڪالهه هتي پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته اين اي 249 ڪراچي واري اليڪشن ڊسڪا کان وڌيڪ تڪراري بڻجي وئي آهي، اها اليڪشن سليڪٽيڊ ئي کٽي سگهيا ٿي، سڀني کي خبر آهي ته سليڪٽڊ ڪير آهي؟ هن چيو ته اليڪشن واري ڏينهن ڪيترين ئي پولنگ اسٽيشنن تي 15 منٽن ۾ رزلٽ تيار ٿي چڪي هئي، اسين آر او سجاد خٽڪ وٽ وياسين پر رات جو ٻه وڳي تائين نتيجا نه ڏنا ويا، اسان کيس چيو ته فارنزڪ آڊٽ جي ضرورت پوندي، اسان کي واٽس ايپ رزلٽ ڏني وڃي، اسان جي درخواست رد ڪئي وئي، 34 پولنگن جا نتيجا ( فارم 45) نه ڏنا ويا، ان کانسواءِ 30 کان وڌيڪ فارم 45 پڻ جاري نه ڪيا ويا، 100کن فارم 45 بنا صحيح جي جاري ڪيا ويا، 7 سو ووٽ رد ڪيا ويا، اليڪشن ڪميشن جا آفيسر ڌر بڻيل رهيا، هڪ پرزائيڊنگ آفيسر شام چار وڳي پولنگ ڇڏي هليو ويو، هن چيو ته هاڻي فارنزڪ آڊٽ ۽ ٻيهر ڳڻپ ئي مامري جو حل آهي، هن چيو ته ننڍي اليڪشن ۾ صوبائي ۽ وفاقي حڪومتن جا اميدوار هئا، اليڪشن چوري ٿي آهي، بلاول ڀٽو انهي تان ڏيان هٽائڻ لاءِ اهڙي ڳالهيون پيون ڪري يا ڊي آر او کيس اسانجي شڪايت آهي ڇا؟ هن چيو ته هن دور ۾ ڪو به ماڻهو پاڻ کي اسٽيبليشمينٽ جو ماڻهو سڏائڻ پسند نٿو ڪري، اين اي 249 تڪ ۾ پ پ جو وجود ئي ڪو نه هو، چوٿين نمبر واري پارٽي ڪيئن کٽي وئي؟ اتي ان قسم جا نتيجا دال ۾ ڪو ڪارو ضرورآهي، باقي اليڪشن جي حوالي سان هن وقت به سٺي قانون سازي ٿيل آهي، اليڪٽورل ريفارمز ( اليڪشني سڌارن ) جي ضرور ت ناهي، جيڪڏهن ووٽ چوري ٿيندا رهيا ته پوءِ ريفارمز جو ڪو فائدو نه ٿيندو؟ هن چيو ته پي ڊي ايم جا دروازا سڀني لاءِ کليل آهن پر اعتماد ٽوڙڻ وارن کي اعتماد بحال ڪرڻو پوندو. ان موقعي تي اڳوڻو گورنر محمد زبير ۽ مصدق ملڪ به موجود هئا.