اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم چونڊ سڌارن لاءِ اپوزيشن کي ڳالهين جي دعوت ڏئي ڇڏي، وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اين اي 249 ۾ ٿيل ضمني اليڪشن ۾ گهٽ ٽرن آئوٽ باوجود سموريون پارٽيون ڌانڌلي ٿيڻ جون دعويٰ ڪري رهيون آهن. سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ وزيراعظم چيو ته اين اي 249 جهڙي صورتحال ڊسڪا ۽ سينيٽ جي اليڪشن ۾ به پيش آئي، 1970 کانسواءِ هر اليڪشن ۾ ڌانڌلي جي الزامن اليڪشن نتيجن جي ساک تي سوال اٿاريا آهن. عمران خان جو چوڻ هو ته ٽرمپ جي ٽيم 2020 جي اليڪشن تڪراري بڻائڻ لاءِ هر ڪم ڪيو، آمريڪي صدارتي اليڪشن ۾ ٽيڪنالاجي سبب هڪ به بي قاعدي نه ملي. وزيراعظم چيو ته اليڪشن نظام ۾ سڌارن لاءِ اپوزيشن کي تعاون جو هڪ سال کان چئي رهيا آهيون، اليڪشن ۾ شفافيت لاءِ ٽيڪنالاجي جي استعمال سان جمهوريت به مضبوط ٿيندي. عمران خان جو چوڻ هو ته حڪومت ٽيڪنالاجي استعمال ذريعي چونڊ سڌارا آڻڻ جو عزم رکي ٿي، ٽيڪنالاجي جي استعمال سان اليڪشن ۾ شفافيت ايندي ۽ ساک بهتر ٿيندي، پر بدقسمتي سان ان حوالي سان ڪي به سڌارا نه آندا ويا، ٽيڪنالاجي ۽ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينن جو استعمال ئي چونڊ کي معتبر بڻائڻ جو واحد ذريعو آهي. وزيراعظم ٽوئيٽ ۾ وڌيڪ چيو ته اپوزيشن کي دعوت ڏيان ٿو ته اسان سان ويهي ۽ چونڊن کي شفاف بڻائڻ لاءِ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينن جي حوالي سان معاطلا طئي ڪري.