وڏي وزير طرفان ڪراچي ۾ ڪياماڙي- هاڪس بي روڊ جو دورو

0
289
سپريم ڪورٽ جي حڪم تي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) وڏي وزير طرفان ڪراچي ۾ ڪياماڙي- هاڪس بي روڊ جو دورو، صوبائي وزيرن ۽ پارٽي اڳواڻن سان گڏ روڊ جي اڏاوت توڙي ٽرئفڪ جي رواني جو جائزو ورتو، دوري دوران وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته گلبئي کان وائي جنڪشن تائين روڊ تي ڪم تيزي سان جاري آهي، هن روڊ تي پهريون ڀيرو پاڻي ۽ سيوريج لائينز شامل ڪيون ويون آهن، روڊ جي اڏاوت سان سمنڊ تي سياحن کي تريحي ماڳن ڏانهن وڄڻ جو سولو رستو ملي ويندو، دوري دوران حڪومتي عملدارن طرفان وڏي وزير کي روڊ جي اڏاوت سوڌو ٻين معاملن تي بريفنگ ڏني وئي.