ڪراچي واسڻ ٻن ڀينرن ڪنري واسي ٻن ڀائرن سان پيار پرڻو ڪري ڇڏيو

0
1802

عمرڪوٽ(ن پ ا) ڪراچي واسڻ ٻن ڀينرن ڪنري واسي ٻن ڀائرن سان پيار جو پرڻو ڪري تحفظ واري درخواست عمرڪوٽ جي عدالت ۾ داخل ڪرائي ڇڏي، قوصر ماجر ۽ تسليم ماجر گهران نڪري ڪنري واسي ارشاد ڪپري ۽ عبدالحميد ڪپري سان پيار جو پرڻو ڪري ورتو، نارين جو چوڻ آهي ته ٻن سالن کان فون تي رابطو هيو ٽي ڏينهن اڳ شادي ڪري ڇڏي آهي، اسان جي مائٽن کان خطرو آهي، عدالت سڳوري ڪنري ٿاڻي جي پوليس کي پريمي جوڙن کي تحفظ ڏيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.