ڪراچي: سول اسپتال جي لفٽ بند ٿيڻ سبب ڊاڪٽر ڦاسي پيو

0
252
ڪراچي: سول اسپتال جي لفٽ بند ٿيڻ سبب ڊاڪٽر ڦاسي پيو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سول اسپتال ڪراچي جي لفٽ بند ٿيڻ سبب ڊاڪٽر لفٽ ۾ ڦاسي پيو، سول اسپتال جي لفٽ خراب ٿيڻ معمول بڻجي وئي، ڪجھ عرصو اڳ آپريشن وارن مريضن کي به ڏاڪڻين ذريعي مٿين فلورن تي منتقل ڪرڻ واري ويڊيو وائٔرل ٿي ھئي، سول اسپتال ۾ ڊاڪٽر کي خراب لفٽ ۾ ڊاڪٽر ڪجھ ٽائم ڦاٿل رھيو، جنهن بعد کيس ٻاهر ڪڍيو ويو، ذريعن جو چو آهي ته اها سول اسپتال جي ايم ايس آفيس واري لفٽ آھي، جڏهن ته اسپتال انتظاميا بجلي بند ٿيڻ سبب لفٽ بند ٿي وئي هئي، وڊيو ڪالھوڪي آھي.