نوشهروفيروز (رپورٽ: زاھد راڄپر) سنڌ جي صحت کاتي ناقص ڪارڪردگي سبب اين جي او آءِ ايچ ايس کان سنڌ جون 111 اسپتالون واپس وٺي ڇڏيون آهن. ان سلسلي ۾ ڊائريڪٽر جنرل صحت پاران ڊي ايچ اوز کي ليٽر جاري ڪري سنڌ جي 111 اسپتالن جا انتظام آءِ ايچ ايس کان واپس وٺي پاڻ سنڀالڻ لاءِ ليٽر جاري ڪري ڇڏيو آھي، ليٽر 30 جولاءِ تي جاري ڪيو ويو. جنھن تحت اڄ 31 جولاءِ کان سنڌ جون 111 اسپتالون جيڪي آءِ ايچ ايس جي حوالي ھيون ھاڻي انھن جا انتظام صحت کاتو سنڀاليندو. ڊي ايچ اوز کي 19 گريڊ جي آفيسر جي نگراني ۾ ڪاميٽي جوڙي آءِ ايچ ايس حوالي ڪيل اسپتالن جي مڪمل رپورٽ ڏيڻ جو به حڪم ڏنو ويو آھي. اين جي او آءِ ايچ ايس (انٽرگريٽيڊ هيلٿ سروسز) سان صحت کاتي جو معاهدو به ختم ڪيو ويو. آءِ ايچ ايس 4 سالن کان سنڌ جي مختلف ضلعن جي 111 اسپتالن جا انتظام سنڀالي رهي هئي. صحت کاتي جي ذريعن موجب آءِ ايچ ايس جي حوالي ڪيل اسپتالن ۾ علاج جي بنيادي سهولتن جي کوٽ ۽ عوامي شڪايتن تي اهڙو فيصلو ڪيو ويو آهي، ڇاڪاڻ ته صحت کاتي کي آءِ ايچ ايس حوالي ڪيل اسپتالن بابت مسلسل شڪايتون اچي رھيون ھيون ته انھن اسپتالن ۾ دوائون سب اسٽينڊرڊ ڏنيون وڃن ٿيون، ڊاڪٽرن ۽ عملي جي کوٽ سميت اين جي او معاھدي ۾ شامل سھولتون اسپتالن ۾ فراھم ڪري نه سگھي جنھن ڪري اسپتالون واپس ورتيون ويون.