اسلام آباد (م ڊ)گلگت کي صوبي جو درجو ڏيڻ لاءِ مسودو تيار، فوجداري، نيب قانون ۾ به ترميمن جون تجويزون وزيراعظم کي پيش ڪيون ويون. قانون واري وزير فروغ نسيم گلگت بلتستان جو آئيني مسودو وزيراعظم عمران کي پيش ڪيو ، گلگت کي صوبي جو درجو ڏيڻ بابت آئيني مسودو عالمي قانون ۽ يو اين قراردادن جي روشني ۾ تيار ڪيو ويو، قانون جي وزير فوجداري قانون ۾ 700 ترميمون به تيار ڪيون آهن، جيڪي وزيراعظم کي پيش ڪيون ويون آهن، وزيراعظم کي نيب قانون ۾ به 20 ترميمون پيش ڪيون آهن، نيب قانون ۾ ترميمن جو مسودوقانون جي وزير پاڻ تيار ڪيو، وزيراعظم چونڊ سڌارن لاءِ تجويزن جي ذميواري قانون واري وزير فروغ نسيم کي ڏني هئي.