ڪراچي(اسٽاف رپورٽر ) ڪاليج ايجوڪيشن کاتي جي اختيارين پاران ڪاليجي استادن ۽ ٻئي عملي جي بنا اجازت سنڌ سيڪريٽريٽ اچڻ تي پابندي لڳائي وئي آهي. ان حوالي سان جاري ڪيل سرڪيولر موجب  ڪاليجي فيلڊ اسٽاف، ٽيچنگ ۽ نان ٽيچنگ اسٽاف کي صرف خميس ۽ جمعي تي منجھند 2 کان 4 وڳي تائين ملاقات جي اجازت آهي. بنا  اجازت ايندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.