کهڙا (اسپورٽس نيوز) کهڙا ويجهو پير عيسي ۾ روحاني بزرگ حضرت ميان عيسي جو ساليانو 3 روزا عرس مبارڪ جي موقعي تي سنڌ پنجاب جي ملهه پهلوانن جا شاندار مقابلا ٿيا، ملاکڙي جي پهرين ڏينهن تي پهلوان منٺار بگٽي، پهلوان قربان هوتيپوٽو، پهلوان معشوق جمالي، پهلوان منير ملاح، پهلوان رضوان ڪوري پهلوان ڪرم بگٽي، پهلوان نعيم شيدي، پهلوان شريف بگٽي، پهلوان صاحب شيخ، پهلوان عاشق اعواڻ،  پهلوان يار محمد رند پهلوان، ديدار جمالي هڪ ٻئي کي ملهون دسي واهه واهه ڪرائي ڇڏي. پهلوان علي نواز ميتلو، منٺار بگٽي، ديدار جمالي مقابلا کٽيا.