گروس آئسليٽ (اسپورٽس نيوز) ويسٽ انڊيز ٻي ۽ آخري ٽيسٽ ميچ ۾ 10 وڪيٽن تان ڪاميابي حاصل ڪري بنگلاديش کي سيريز ۾ وائٽ واش ڪري ڇڏيو. سينٽ لوشيا ۾ کيڏيل ٻي ٽيسٽ ميچ جي چوٿين ڏينهن راند جي شروعات برسات سبب متاثر ٿيڻ سبب دير سان شروع ٿي ته بنگلاديش ٽيم گهڻي مزاحمت نه ڪري سگهي. ٽئين ڏينهن جي اسڪور ۾ صرف 54 رنز جي اضافي بعد بنگلاديشي ٽيم 186 رنز تي آل آئوٽ ٿي وئي ۽ ويسٽ انڊيز کي ڪاميابي لاءِ صرف 13 رنز جو هدف مليو. بنگلاديش طرفان نور الحسن 60 رنز ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو. ويسٽ انڊيز طرفان ڪيمار روچ، الزاري جوزف ۽ جيڊن سيلز 3،3 وڪيٽون ورتيون. ويسٽ انڊيز 13 رنز جو هدف بنا ڪنهن نقصان جي حاصل ڪري ورتو. ان کان اڳ بنگلاديش پهرين اننگ ۾ 234 ۽ ويسٽ انڊيز پهرين اننگ ۾ 408 رنز ٺاهيون هيون.