لاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ کان اڳ نيوزيلينڊ ۾ ٽه ملڪي سيريز کيڏندي. نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ پاڪستان ۽ بنگلاديش سان ٽه ملڪي ٽورنامينٽ جو شيڊول جاري ڪري ڇڏيو آهي. نيوزيلينڊ طرفان جاري ڪيل شيڊول موجب ڪرائسٽ چرچ ۾ ٽه ملڪي ٽورنامينٽ 7 کان 14 آڪٽوبر تائين کيڏي ويندي. نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ موجب ٽورنامينٽ جي افتتاحي ميچ 7 آڪٽوبر تي پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ کيڏي ويندي ۽ 8 آڪٽوبر تي پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ ۾ مقابلو ٿيندو. ٽه ملڪي سيريز ۾ بابراعظم اليون جو 11 آڪٽوبر تي وري نيوزيلينڊ سان مقابلو ٿيندو، جڏهن ته 13 آڪٽوبر تي پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ مقابلو ٿيندو. ٽه ملڪي ٽي ٽوئنٽي سيريز جو فائينل مقابلو 14 آڪٽوبر تي کيڏيو ويندو.