ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي بابت داخل ڪيل ٽن درخواستن ۾ وفاقي گهرو سيڪريٽري جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري جا وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا. عدالت آءِ جي اسلام آباد کي وفاقي گهرو سيڪريٽري يوسف نسيم کوکر جي جاري ڪيل گرفتاري وارنٽ تي عملدرآمد جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته کيس 27 مئي تي عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي. جسٽس ڪي ڪي آغا جي سربراهي ۾ 2 رڪني بئنچ گم ٿيل ماڻهن بابت مختلف درخواستن تي لکت ۾ فيصلو جاري ڪندي حڪم ڏنو ته وفاقي گهرو سيڪريٽري کي ڪيترائي ڀيرا ڪي پي ڪي جي حراستي مرڪزن جي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو پر عدالتي حڪمن تي سيڪريٽري عملدرآمد ناهي ڪيو، عدالت پنهنجي حڪمنامي ۾ چيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ نه ايڊيشنل سيڪريٽري کي اماڻيو ويو، نه جوائنٽ سيڪريٽري نه وري ڊپٽي سيڪريٽري کي پيشي لاءِ اماڻيو ويو. عدالت چيو ته وفاقي گهرو سيڪريٽري کي گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي ۾ ڪا خاص دلچسپي ناهي جيڪا عدالتي حڪمن جي واضح ڀڃڪڙي آهي. عدالت وفاقي گهرو سيڪريٽري کي شوڪاز نوٽيس به جاري ڪري ڇڏيو آهي. عدالت پنهنجي حڪم ۾ چيو آهي ته وفاقي گهرو سيڪريٽري عدالتي حڪمن جي باوجود سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿيڻ ضروري نه سمجهيو، ائين لڳي تو ته وفاقي گهرو سيڪريٽري جي نظر ۾ عدالت جي ڪا عزت ناهي ۽ وفاقي سيڪريٽري عدالت ۾ پيشي لاءِ ضمانت نه ٿيڻ جوڳا وارنٽ جاري ڪرڻ کان علاوه ڪو رستو ناهي ڇڏيو. عدالت وڌيڪ چيو ته گهرو سيڪريٽري انهن ڪيسن کي غير اهم سمجهندو آهي جتي شهرين جي بنيادي حقن جي ڀڃڪڙي ٿي رهي آهي. عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي ڪي پي ڪي جي حراستي مرڪزن ۾ قيد ماڻهن جا تفصيل طلب ڪندي چيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ ڪيسز مان ڪو حراستي مرڪز ۾ آهي ته ان جي نشاندهي ڪئي وڃي ۽ آءِ جي اسلام آباد جي ذميداري آهي ته اهو عدالتي حڪم تي مڪمل عملدرآمد ڪرائي.