پشاور (مانيٽرنگ ڊيسڪ)پنجاب جو وڏو سياستدان پئسو بچائڻ لاءِ لنڊن فرار ٿي ويو، لنڊن ۾ لِڪي ويٺل گهڻي دير تائين بچي نه سگهندو، کيس ضرور ڏيهه واپس آڻينداسين، وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته سڄي مافيا گڏجي اين آر او وٺڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهي آهي، کين ڪڏهن به اين آر او نه ڏيندس، اميرن لاءِ اين آر او ۽ غريبن لاءِ جيل ملڪ جي تباهي جو سبب بڻيا، مديني جي رياست ۾ قانون سڀني لاءِ هڪجهڙو هوندو آهي، مافيا کي قانون جي ماتحت آڻي ڏيکاريندس، پشاور ۾ صنعتي ورڪرز لاءِ رهائشي منصوبي جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته پختونخواهه جي عوام ۾ شعور آهي، تنهن ڪري پي ٽي آءِ کي 2 ڀاڱي 3 اڪثريت ڏني، مهمند ڊئم جو منصوبو 2025ع تائين مڪمل ٿي ويندو، ڊئم سان پشاور لاءِ پيئڻ جي پاڻي جو مسئلو حل ٿي ويندو ۽ شهر کي سستي بجلي ملندي. عمران خان چيو ته سموري مافيا گڏ ٿي مون کان اين آر او وٺڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي پر ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندي. هن چيو ته پاڪستان جي خواب جي باري ۾ ڪنهن سمجهايو ئي نه، ماضي ۾ ڪنهن به مزدور طبقي لاءِ نه سوچيو، وڏن لاءِ اين آر او ۽ غريب جيلن ۾ وڃي رهيا آهن. هن چيو ته موجوده حڪومت شهرين جي ڀلائي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، 2013 کانپوءِ خيبر پختونخواهه ۾ غربت ۾ گهٽتائي آئي، ڪي پي ۾ انسانن تي سيڙپڪاري ڪئي وئي، ڪي پي جي شهرين وٽ صحت ڪارڊ موجود آهي، 5 سال پورا ٿيڻ تي صحت جو انقلاب ايندو. سندس چوڻ هو ته اسان ايندڙ چونڊن جو نه پر قوم جي مستقبل جو سوچيو آهي، ڪمزور طبقي جي ذميواري کنئي آهي، 5 سالن کانپوءِ ڏسڻ چاهيان ٿو ته ڪمزور طبقو ڪيترو مٿي آيو، عام ماڻهو کي پنهنجو گهر ٺاهڻ لاءِ هاڻ بئنڪون قرض ڏينديون، هڪ ماڻهو جيتري مسواڙ ڏيندو آهي، ان جي ايتري بئنڪ قسط هجڻ گهرجي. وزيراعظم چيو ته قانون جي بالادستي پهريون اصول آهي، غريب ۽ امير لاءِ ڌار ڌار قانون سان ملڪ تباهه ٿيو، پاڪستان ۾ غريب لاءِ جيل ۽ طاقتور لاءِ اين آر او آهي، مافيا گڏجي مون کان اين آر او گهرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي پر ڪڏهن ڪامياب نه ٿيندي، مان ڪڏهن به مافيا کي اين آر او نه ڏيندس، ملڪ مان فرار ٿيندڙ گهڻو وقت نه بچي سگهندا، انهن کي واپس آڻينداسين.