ڪراچي (نمائندن وٽان) ڪورونا وبا سبب وڌيڪ 104 مريض حياتيون وڃائي ويٺا آهن. جڏهن ته 3 هزار کان وڌيڪ هاڪاري ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران 41 هزار 771 ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا، جنهن کان پوءِ گڏيل ٽيسٽن جو انگ 12.552.33 ٿي ويو آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ وڌيڪ 3 هزار 256 هاڪاري ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. اهڙي طرح پاڪستان ۾ ڪورونا جي گڏيل مريضن جو انگ 886.184 ٿي ويو آهي. سرڪاري انگن اکرن موجب هينئر تائين سنڌ ۾ 3 لک هڪ هزار 247، پنجاب ۾ 3 لک 29 هزار 913، خيبرپختونخواهه ۾ هڪ لک 27 هزار 609، اسلام آباد ۾ 79 هزار 552، بلوچستان ۾ 24 هزار 064، آزاد ڪشمير ۾ 18 هزار 360 ۽ گلگت بلتستان ۾ 5 هزار 439 ڄڻن ۾ ڪورونا وائرس جي سڃاڻپ ٿي آهي. سرڪاري انگن اکرن موجب هن وقت ملڪ ۾ ڪورونا جي فعال مريضن جو انگ 66 هزار 377 ٿي ويو آهي. جڏهن ته ساڍا 4 هزار کان وڌيڪ مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 104 مريض حياتيون وڃائي ويٺا آهن جنهن کان پوءِ هاڻ هن وبا سبب فوت ٿي ويل ماڻهن جو گڏيل طور تي انگ 19 هزار 856 ٿي ويو آهي. اين سي او سي موجب ڪورونا سبب هڪ ڏينهن ۾ 4 هزار 440 مريض صحتياب ٿيا جنهن کان پوءِ صحتياب ٿيندڙ مريضن جو انگ 799.951 ٿي ويو آهي. سنڌ ۾ ڪورونا ڪيسن ۾ تيزي سان واڌ، 24 ڪلاڪن دوران 2076 نواز ڪيس ظاهر ۽ وڌيڪ 19 حياتيون ضايع ٿي ويون. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاه مطابق ڪورونا وگهي سنڌ ۾ فوتين جو انگ وڌي 4854 ٿي چڪو آهي. جڏهن ته متاثرين جو انگ ٽي لک 3 هزار 306 ٿي ويو آهي، هن وقت 20172 مريضن جو علاج جاري آهي. جن مان 764 مريضن جي حالت نازڪ ۽ 53 مريض وينٽيليٽرز تي آهن، نون ڪيسن ۾ 1260 ڪيس ڪراچي جا آهن، باقي ضلعن ۾ حيدرآباد ۾ 252، سکر ۾ 111، لاڙڪاڻي ۾ 44، ڄامشوري ۾ 51، دادو ۾ 34، بدين ۾ 28، ٺٽي ۽ عمرڪوٽ ۾ 26-26، گهوٽڪي ۾ خيرپور ۾ 16-16، شڪارپور ۾ 15 ۽ ٻين ضلعن ۾ به ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. هوڏانهن صدر عارف علوي جو نوجوان ڀاڻيجو مطاهر علوي به ڪورونا وگهي ڪالهه فوت ٿي ويو. قمبر ۾ ڪورونا وائرس جا 9 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آھن، جنهن بعد انگ وڌي 215 ٿي ويو آھي. حيدرآباد ۾ ڪورونا وگهي 2 ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن ته 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جا 145 نوان ڪيس ظاهر ٿيڻ کانپوءِ مريضن جو انگ وڌي 17 هزار 282 ٿي ويو آهي. ڪورونا جي فوتي مريضن ۾ 45 سالن جو رياض ريحان ولد عبدالرحمان ۽ 65 سالن جو جاويد ولد نواب شامل آهن. ڄامشورو: لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي اسپتال جي آئسوليشن وارڊ ۾ داخل 2 ڪورونا جا مريض فوت ٿي ويا، مريضن جي سڃاڻپ ممتاز بيگم ۽ هادي بخش طور ٿي آهي، ميرپورخاص لڳ درگاهه روڏو فقير واسي نوجوان يارمحمد مھر ڪورونا سبب ڪراچي جي اسپتال ۾ ڪورونا وارڊ ۾ علاج دوران فوت ٿي ويو سندس مڙھ اباڻي قبرستان ۾ ايس او پيز تحت مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. قاضي احمد ۾ ڪورونا وائرس جا 11 ڪيس ظاهر ، صحت کاتي نواب شاھ جي ڊي ايچ او ڊاڪٽر دولت جمالي تصديق ڪري ڇڏي.