ڦل ڀرسان خوني تڪرار تان مارجي ويل چئن ڄڻن جو قتل ڪيس داخل

0
377

ڦل (ن پ ا) ڦل ڀرسان خوني تڪرار تان مارجي ويل چئن ڄڻن جو قتل ڪيس داخل، ايف آءِ آر ۾ 12 سڃاتل ۽ 3 اڻ سڃاتل جوابدار نامزد، گذريل ڏينهن نوشهري فيروز جي عدالت ۾ حاضري بعد هٿياربندن جي حملي ۾ عطا محمد وڳڻ، اميد علي، صدام وڳڻ ۽ ڪار ڊرائيور لياقت لغاري مارجي ويا هئا، پوليس موجب مقتولن جَي وارثن مري برادري جي جوابدارن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرائي آهي، جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.