مانجهند: لاکڙا ٽائيگر ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ کٽي ورتو

0
207

مانجھند (ن پ ا) منظورآباد ۾ المجاھد ڪرڪيٽ ڪلب پاران شھيد رانديگرن گل حسن ڪوريجو، عابد کوسو ۽ علي ظفر دائيداڻو جي ياد ۾ ناڪ آئوٽ سسٽم تحت ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جو فائنل المجاھد منظورآباد ۽ لاکڙا ٽائيگر جي وچ ۾ کيڏيو ويو. لاکڙا ٽائيگر ٽيم جي ڪپتان خليل الله ٽاس کٽي پھريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو. مقرر 8 اوورن ۾ سيف الله جي 60 رنسن جي مدد سان 134 رنسن جو ھدف ڏنو. المجاھد منظورآباد 8 اورن ۾ صرف 70 رنسون ٺاھي سگھي. ٽائيٽل لاکڙا ٽائيگر کٽي ورتو. ٽونامينٽ جي آرگنائيزر غمگين غلام حيدر کوسو ونر ٽرافي ۽ ڪيش پرائز ڏنو. سيف الله کي مين آف دي ميچ ايوارڊ ۽ ڪيش پرائز ڏنو ويو. فائنل ڏسڻ لاءِ شوقين به موجود رهيا.