ڌاٻيجي (ن پ ا) ڌاٻيجيءَ ۾ پاڻيءَ جي مين هول ۾ ٻڏي ويل نينگري جو لاش ھٿ نه اچي سگهيو، گهر ۾ ماتم متل، مقامي توڙي ضلعي انتظاميا ڪو به تحرڪ نه ورتو. خبر موجب اڱاري تي شام ڌاري ڌاٻيجي لڳ ڪراچي کي پاڻي سپلاءِ ڪندڙ 72 انچ قطر واري لائين جي مين هول ۾ پير ترڪڻ سبب ٻڏي ويل معصوم نينگري بختاو ڀنڊ جو لاش وڏي ڳولا باوجود ڪالهه به ھٿ نه اچي سگهيو. معصوم نينگري جي والد لطيف ڀنڊ ٻڌايو ته نياڻيءَ کي مين هول ۾ ڪرندي 24 ڪلاڪ گذري ويا آھن، مقامي ۽ ضلعي انتظاميا ڪنهن به قسم جو سهڪار نه ڪيو آھي.