ڀرياروڊ (ن پ ا) ڀرياروڊ ويجهو ڳوٺ چانھين سليمان جو رھواسي 22 سالن جو نوجوان عارف راڄپر ولد پپو راڄپر جيڪو 6 ڏينهن اڳ ڳوٺ دريا خان جلباڻي ويجهو سوئمنگ پول ۾ وھنجندي اوچتو ڪري زخمي ٿي پيو ھو جنهن کي ڪراچي جي جناح اسپتال ۾ علاج لاءِ داخل ڪرايو ويو ھو جيڪو اڄ اسپتال ۾ ڇھن ڏينهن تائين زندگي ۽ موت جي ڪشمڪش ۾ مبتلا رھڻ بعد فوت ٿي ويو. اطلاع ملڻ تي فوتي جي گھر ۾ ڪھرام مچي ويو.