اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ ڊينيئل پرل قتل ڪيس ۾ جوابدارن جي شڪايت تي سنڌ حڪومت کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو، سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ ڊينيئل پرل قتل ڪيس ۾ جوابدارن جي نظر بندي واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. جنهن دوران جوابدارن جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته سلمان ثاقب ۽ ٻين جوابدارن مون کي شڪايتي خط اماڻيو آهي. جوابدارن جو چوڻ آهي ته انهن کي اپارٽمينٽ ۾ طبي ۽ ٻيون سهولتون نه پيون ڏنيون وڃن. جنهن تي جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته جوابدارن جي شڪايت تي سنڌ حڪومت کي نوٽيس جاري ڪري رهيا آهيون. ان موقعي تي سرڪاري وڪيل، عمر شيخ جي زال ۽ پٽ سان گڏ ٻين مائٽن جي ملاقات ڪرائڻ جو يقين ڏياريو،جڏهن ته عدالت وفاق جي اپيل تي به ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا جنهن کان پوءِ ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي اڻڄاڻايل مدي لاءِ ملتوي ڪئي وئي.