ٺاروشاهه (ن پ ا) ٺاروشاهه ڀرسان دليپوٽا شاخ مان مليل ڌڙ کان ڌار سسي وارو مامرو، ٺاروشاهه پوليس هٿ آيل معصوم نينگريءَ جي سسيءَ جو پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد امانت طور تدفين ڪرائي ڇڏي، 8 ڪلاڪ گذرڻ باوجود سڃاڻپ نه ٿي سگهي. پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽر موجب ابتدائي رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آھي ته ڪنهن تيز ڌار اوزار سان سسي ڌڙ کان ڌار ٿيل آھي ۽ پنج ڏينهن کان پاڻيءَ ۾ اڇلايل آھي جنهن سبب سسي ڳريل آهي. جنهن جا جزا ورتا ويا آھن جيڪي روهڙي جي ليبارٽري ۾ موڪليا ويا آھن. جڏھن ته ايس ايچ او ٺاروشاهه اشرف ميمڻ ٻڌايو ته معاملي جي هر رخ کان جاچ ڪري رهيا آھيون هن مهل تائين هٿ آيل سسي جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آھي جنهن ڪري هٿ آيل سسي کي امانت طور دفنايو ويو آهي.