ميرپورساڪرو (ن پ ا) ميرپور ساڪري ويجهو سم نالي تي پل نه ھجڻ ڪري فوتي عورت جو جنازو سم نالي تي ٺھيل سائفن مٿان گذاري قبرستان نيو ويو. خبر موجب تعلقي ميرپور ساڪري ۾ ترقياتي ڪم نه ٿيڻ جو انداز هِن مان لڳائي سگهجي ٿو ته ميرپور ساڪري لڳ ديھه ڇڇ ورھاڪو جي ڳوٺ قاسم ملاح ۾ فوت ٿي ويل پيرسن عورت سڪينه زال خميسو ملاح جو جنازو پل نه ھجڻ ڪري سم نالي مٿان ٺھيل سائفن اُڪاري قبرسان تائين پھچايو ويو. ڳوٺاڻن جو چوڻ هو ته ضلعي انتظاميا ۽ چونڊيل نمائندن کي بار بار شڪايتن باوجود سم نالي تي پل تعمير نٿي ڪئي وڃي. ان ڪري اونھاري توڙي سياري ۾جنازا پاڻيءَ مان پار ڪري قبرسان پھچايون ٿا. ھنن مطالبو ڪيو ته ڄاڻايل سم نالي تان فوري طور پل ٺهرائي وڃي.