گهوٽڪي (رپورٽر) گهوٽڪي جي ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ ۾ مير علي عارباڻي جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، ٻڌڻي دوران فريادي جو وڪيل عبيدالله گهوٽو ۽ جوابدارن جي وڪيل پيش ٿي پنهنجا دليل مڪمل ڪيا، عدالت وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدارن فاروق احمد عارباڻي ۽ ڌڻي بخش عارباڻي کي عمر قيد ۽ 5._5 لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي.