ڪراچي (دلچسپ نيوز) فيس بڪ جي ملڪيت هيٺ ميسجنگ ايپ واٽس ايپ ڊيسڪ ٽاپ واهپيدارن جي لاءِ وڏي خوشخبري جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي جنهن جي تحت اينڊرائيڊ ۽ آءِ او ايس صارف ڊيسڪ ٽاپ تي آڊيو ويڊيو ڪال ڪري سگهندا.واٽس ايپ جي سرگرمين تي نظر رکندڙ ويب سائيٽ طرفان سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي ٽوئيٽ ڪيو ته هاڻ سمورن واهپيدارن ڊيسڪ ٽاپ تي به واٽس ايپ ۽ ويڊيو ڪال موجود آهي.