نئين دهلي (دلچسپ نيوز) ڀارتي رياست مڌيا پرديش جي ضلعي ريئسن جي هڪ فارم هائوس ۾ اوچتو باهه لڳي وئي جنهن سبب خوراڪ جي ڳولا ۾ آيل هڪ چيتو بچڻ لاءِ بجلي جي ٿنڀي تي چڙهي ويو پر ڪرنٽ لڳڻ بعد هيٺ ڪري سڙي مري ويو، وائلڊ لائيف کاتي جي عملدارن موجب اهو واقعو باوا ليا پٿار ڳوٺ ۾ پيش آيو، اطلاع ملڻ تي رضاڪارن جي ٽيم اماڻي وئي پر ان جي پهچڻ کان اڳ ئي چيتو مري چڪو هو، جنهن سبب سندس لاش وصول ڪرڻ بعد داڪٽرن ان جو پوسٽ مارٽم ڪيو، عملدارن ٻڌايو ته نيشنل ٽائيگرز ڪنزرويشن اٿارٽي جي گائيڊ لائنز تحت چيتي جي لاش کي زمين ۾ پوري ڇڏيو آهي، سندن چوڻ هو ته چيتي جي جسم تي زخم جو ڪوبه نشان نه هو ۽ سندس جسم جا سمورا حصا به سلامت هئا جڏهن ته ان واقعي بعد ڳوٺ جي ٻاهران ٽن کان چئن چيتن جي چرپر ڏٺي وئي آهي.