ڊالر 190 رپين کان به وڌي ويو، اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ شديد مندي

0
315
ڊالر 25 پئسا مهانگو: سون ۾ 900 رپين جي واڌ
ڊالر 25 پئسا مهانگو: سون ۾ 900 رپين جي واڌ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) شهباز حڪومت ۾ به ڊالر کي پر لڳي ويا، اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي خلاف بي اعتمادي رٿ آڻڻ کانپوءِ هر روز وڌندڙ مهانگائي سان گڏو اڄ پاڪستان ۾ آمريڪي ڊالر تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو آهي

ڪالهه انٽر بئنڪ ۾ 188.66 رپين تي بند ٿيو پر اڄ واپار جي شروعات کان وٺي ڊالر جي قدر ۾ واڌ جو سلسلو جاري آهي

انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 50 پئسا مهانگو ٿي ڪري 190.16 پئسا ٿي ويو آهي، جڏهن ته اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر 191.50 پئسا کان وڌي ويو آهي

ٻئي طرف پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ به منفي رجحان جاري آهي ۽ 100 انڊيڪس 600 پوائنٽس کان وڌيڪ گهٽتائي سان 42901 تي ٽريڊنگ ڪري رهيو آهي