لاڙڪاڻو ( رپورٽ: نادر ابڙو) لاڙڪاڻي ۾ ماهوٽا ٿاڻي جي حد دودائي ڦاٽڪ ڀرسان گولي لڳل هٿ آيل نوجوان جي لاش جون سوشل ميڊيا تي تصويرون وائرل ٿيڻ کانپوءِ وارثن سڃاڻپ اعجاز آگاڻي طور ڪئي.ڳوٺ واحد بخش آگاڻي  جي رهواسڻ راشده خاتون آگاڻي پنهنجي وارث عورتن سانئڻ خاتون ۽ جيجان آگاڻي سان گڏجي دانهيندي الزام لڳايو ته ڀاءُ اعجاز آگاڻي کي سندس گهرواري رضيه ۽ کير پياڪ پٽ سميت مجاهد اغوا ڪرڻ بعد بيدرديءَ سان قتل ڪري.لاش دودائي ريلوي ڦاٽڪ وٽ اڇلايو، پوليس لاش هٿ ڪري ايڌي انتظاميه حوالي ڪيو، لاوارث قرار ڏئي دفنائي ڇڏيو، سوشل ميڊيا تي تصويرون وائرل ٿيڻ تي اسان ڀاءُ جي لاش جي تصديق ڪئي. هنن چيو ته مجاهد آگاڻي پنهنجي ڀاءُ قدير کي قتل ڪيو هو، جنهن بعد رضيه منهنجي ڀاءُ اعجاز سان شادي ڪئي، جنهن کي طلاق ڏيڻ لاءِ ڌمڪيون ڏيندو هو، ان منهنجي ڀاءُ کي قتل ڪيو، ڀاڄائي رضيه ۽ سندس کير پياڪ ٻار صدورو به گم آهن، خدشو آهي ته انهن کي به قتل ڪيو ويندو. ٻئي طرف ماهوٽا پوليس رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته شروعاتي جاچ ۽ وارثن مطابق مجاهد آگاڻي ساٿين سان گڏجي اعجاز کي قتل ڪيو.هوڏانهن قتل ٿي ويل اعجاز آگاڻي جا علائقي ۾ ڪارنهن تهمت جا چوٻول هلي رهيا آھن.