نوابشاهه (بيورو رپورٽ) هراسمينٽ جو شڪار پروين رند جڊيشل مئجسٽريٽ ون نوابشاهه جي عدالت ۾ پيش ٿي، جتي  ڪيس جي جاچ ڪندڙ آفيسر ڊي ايس پي اشتياق آرائين به پيش ٿيو، جنھن عدالت کان چالان جمع ڪرائڻ جي لاءِ 4 ڏينهن جي مھلت وٺي ڇڏي، عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 14 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي، ٻئي طرف پروين رند پنھنجي چاچي علي نواز رند سان گڏ عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته 3 ڏينهن اڳ منهنجي ۽ منھنجي چاچو علينواز رند جي ڊي ايس پي ٽنڊوآدم اشتياق آرائين جي آفيس ۾ ان جي ريڊر فياض راڄپر   تذليل ڪئي، جنھن جي اسان سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا، ھن چيو ته اسان ان وقت به ڊي ايس پي ٽنڊوآدم جي آفيس ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪيو، جنھن بعد ڊي ايس پي واقعي جو نوٽيس وٺندي ريڊر فياض آرائين کي سسپنڊ ڪيو، ھن چيو ته اسان اڄ عدالت کي ڊي ايس پي ٽنڊوآدم جي ريڊر خلاف درخواست ڏني آھي ته ان خلاف ڪارروائي ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي،  ۽ جاچ ڪرڻ جي بھاني گھرائي اسان جي تذليل ڪرڻ بند ڪئي وڃي. ھن چيو ته مان سنڌي ۽ اردو ميڊيا جي شڪرگذار آھيان، جنھن جي ڪري مان اڄ ظالمن جي آڏو مھاڏو اٽڪايو آهي، ھن چيو ته مونکي اميد آھي ته عدالت مونسان انصاف ڪندي.