ميھڙ(ن پ ا) فريدآباد ڀرسان ٽيويه ڏينهن گذرڻ باوجود ڳوٺ فيض محمد چانڊيو جي باهه متاثرن جا چيڪ پاس نه ٿي  سگھيا آهن. وفاقي توڙي سنڌ سرڪار جي اعلان تي عمل نه ٿي سگهيو آهي. متاثرن اميد علي چانڊيو بهار خان چانڊيو رستم چانڊيو صوفن چانڊيو احتجاج ڪندي دانھيو ته سنڌ سرڪار ۽ وفاق طرفان باه ۾ سڙي فوت ٿي ويل 10 ڄڻن جي وارثن کي مليل امدادي چيڪ 23 ڏينھن گذرڻ باوجود به پاس نه ٿي سگهيا آھن ھنن چيو ته ڊي سي دادو سيد مرتضا شاه اسان جا چيڪ ڦٻائڻ چاهي ٿو ۽ اسان جي ڪا به واھر نه ٿي ڪئي وڃي اسان کي هر زور گهرائي دربدر ڪري ۽ پوء واپس ڪيو وڃي ٿو. هنن وڏي وزير سيد مراد علي شاه کان پرزور اپيل ڪندي مطالبو ڪيو ته اسان جي ڳوٺ جي فوج جي نگراني ۾ نئين سروي ڪرائي وڃي ته جئين حقدار تائين حق پهچي سگهي ۽ اسان سان انصاف ڪيو وڃي.