سکر (بيورو رپورٽ) شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي سينيٽ ۽ اڪيڊمڪ ڪائونسل ۾ ڊائريڪٽر فزيڪل  ايجوڪيشن ۽ لائبريرين کي ووٽ جو حق نه ڏيڻ خلاف سنڌ پروفيسرس اينڊ ليڪچررس ايسوسيئيشن (سپلا) طرفان سکر ۽ خيرپور ڪاليجن ۾ احتجاجي مظاھرا ڪيا ويا. ان موقعي تي اڳواڻن پروفيسر ارشاد علي مانڊڻ، پروفيسر امجد علي چنو، ديدار علي ميراڻي، ولي الله مھيسر، غلام اڪبر ميمڻ، سعيد احمد شاھ ۽ ٻين صحافين سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته ڪراچي يونيورسٽي سميت سنڌ جي مختلف يونيورسٽين ۾ ڊائريڪٽر فزيڪل ايجوڪيشن ۽ لائبريرين کي نه صرف ووٽ جو حق آھي پر اُهي سينيٽ جا ميمبر به آهن پر شاهه عبداللطيف يونيورسٽي ۾ کين اهو حق حاصل نه آهي. هنن شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي وائيس چانسلر کان مطالبو ڪيو ته ڊائريڪٽر فزيڪل ايجوڪيشن ۽ سکر ريجن جي 8 ضلعن جي 73 ڪاليجن جي 155 ڊي پي ۽ لائبريرين کي ووٽ جو حق ڏنو وڃي. فيصلي تي نظرثاني ڪئي وڃي.