ڊالر لاڳيتو بي لغام: 292 رپين جي بلند سطح تي پهتو: سون 217000 رپيا تولو ٿي ويو

0
333
ڊالر ۾ تيزي اچي وئي : هڪ ڏينهن ۾3 رپيا مهانگو: سون 206500 رپين تي پهتو
ڊالر ۾ تيزي اچي وئي : هڪ ڏينهن ۾3 رپيا مهانگو: سون 206500 رپين تي پهتو

ڪراچي(ڪامرس ڊيسڪ ) ڊالر لاڳيتو  بي لغام: 292 رپين جي بلند سطح تي پهتو: سون پڻ 217000 رپيا تولو ٿي ويو، ان ڏس ۾ ڪراچي جي صرافه بازار ۾ سون 2500 رپين جي واڌ سان  214500 مان 217000 رپيا في تولو ٿي ويو

جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون 40 ڊالرن جي اضافي سان 2023 ڊالر في آئونس تي پهتو، هوڏانهن چاندي 20 رپيا اضافي سان 2230 مان 2250 رپيا ٿي وئي

ٻئي طرف ڊالر اوپن مارڪيٽ ۾ هڪ رپيو واڌ سان 291 مان 292 ۽ انٽر بينڪ ۾ 56 پئسا اضافي سان 287.29 مان 287.85  رپين تي بند ٿيو

هوڏانهن پائونڊ ساڍا 3 رپيا واڌ سان 359 مان 362.5  ۽ يورو اڍائي رپيا اضافي سان 315 مان 317.5 رپين تي پهچي ويا

هي به پڙهندا

سون 750 رپيا مهانگو: ڊالر 286.5 رپين تي برقرار