ڪراچي (ڪامرس ڊيسڪ) ڊالر جي مٿانهين اڏام: 229.5 رپين تي پهتو: سون 350 رپيا سستو، ان ڏس ۾ ڪراچي جي صرافه بازار ۾ سون 350 رپيا لاٿ سان 158850 مان 158500 رپيا في تولوٿي ويو، جڏهن ته چاندي 1580 رپين تي برقرار رهي، ٻئي طرف ڊالر اوپن مارڪيٽ ۾ هڪ رپيو 85 پئسن جي واڌ سان 227.65 مان 229.5 ۽ انٽر بينڪ ۾ 26 پئسا واڌ سان 222.41 مان 222.67 رپين تي پهتو، هوڏانهن پائونڊ 3 رپيا اضافي سان 279 مان 282 ۽ يورو هڪ رپيو واڌ سان 245 مان 246 رپيا ٿي ويا