ڏوڪري مان کنڀيل نوجوان جي وارثن جو لاڙڪاڻي ۾ ايس ايس پي چوڪ وٽ ڌرڻو

0
303

لاڙڪاڻو (رپورٽر) ڏوڪري مان 3 ڏينهن اڳ پوليس پاران کنڀيل نوجوان عبدالحفيظ ٿهيم جي وارثن پاران لاڙڪاڻي ۾ ايس ايس پي چوڪ وٽ ڌرڻو ھنيوويو

ان موقعي تي نوجوان جي وارثن جو چوڻ ھو ته 3 ڏينهن اڳ پوليس اڌ رات جو گهر ۾ گهڙي حفيظ کي کڻي وئي، حفيظ سرسو ۾ ڪلارڪ هو

 ايس ايس پي لاڙڪاڻو گرفتاري کان لاتعلقي ظاهر ڪئي آهي، حفيظ ٿهيم تي ڪي الزام آهن ته کيس عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي

عبدالحفيظ ٿھيم جي امڙ جو چوڻ ھو تھ اھلڪارن پٽ کي ڪپڙا بھ تبديل ڪرڻ نھ ڏنا، ايئن ڌاڙيلن وانگر ھن کي کنڀي ويا آھن، پٽ ڪنھن ڏوھ ۾ ملوث آھي ان ڪيس ۾ ان کي ظاھر ڪيو وڃي

ھي به پڙھندا

ڏوڪري شھر مان نوجوان کنڀجي ويو، پوليس بي خبر بڻيل