ڏوڪري شھر مان نوجوان کنڀجي ويو، پوليس بي خبر بڻيل

0
78
ڏوڪري شھر مان نوجوان

موهن جو دڙو (ن پ ا) ڏوڪري شهر جي ٿهيم محلاا ۾ گذريل رات پوليس وردي پهريل هٿياربندن چڙهائي ڪري نوجوان کي کنڀي ويا، حد جي پوليس معاملي کان بيخبر بڻيل آهي

نوجوان جو پيءُ عبدالغني ٿهيم چيو آهي ته اسان نهايت ئي شريف ۽ سادا ماڻهو آهيون، مان گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول مين ڏوڪري ۾ پٽيوالي ڊيوٽي ڪندو آهيان

هن چيو ته گذريل رات ٻه بجي ڌاري منهنجي گهر پوليس وردي پهريل ڪجهه هٿيار بند گهڙي آيا جيڪي منهنجي وڏي پٽ عبدالحفيظ ٿهيم کي کنڀي کڻي ويا آهن

 جڏهن ته منهنجو پٽ سرسو ڪمپني ۾ ملازم پڻ آهي، اسان پوليس وردي پهريل هٿيار بندن کان پڇا ڪئي ته انهن ٻڌايو ته اسان ڪراچي جا پوليس وارا آهيون، جنهن بعد هو منهنجي پٽ عبدالحفيظ کي هٿيارن جي زور تي زبردستي کنڀي کڻي ويا

هن چيو ته اسان ڏوڪري ٿاڻي تي پهچي ايس ايڇ او کي سڄي حقيقت ٻڌائي ته پوليس چيو چيو ته اسان کي ڪنهن به اهڙو اطلاع ناهي ڏنو ۽ نه ئي ڪنهن ٻاهرين پوليس اسان وٽ انٽري ڪرائي آهي

هوڏانهن نوجوان جي وارثن وس وارن کان اپيل ڪئي آهي ته سندن نوجوان واپس ڪرائي انصاف ڪيو وڃي