جيڪب آباد(رپورٽر) جيڪب آباد ضلعي ۾ برساتن سبب هڪ لک 8 هزار گهر مڪمل تباهه ٿيا آهن، 14 هزار گهرن کي جزوي نقصان رسيو آهي، زمينن ۾ بيٺل پاڻي جو جائزو وٺي بحالي واري عمل ۾ تيز ڪيو ويندو، پاڻي نيڪال نه ٿيو ته ربيع جو فصل نه ٿي سگهندو، ننڍن آبادگارن ۽ فارمرز کي روڪ رقم جي مد ۾ رليف ڏنو ويندو وڏي وزير جي جيلن واري صلاحڪار اعجاز حسين جکراڻي جي صدارت هيٺ برسات بعد ٿيل تباهي جو جائزو وٺڻ لاءِ ڊي سي آفيس جي ڪانفرنس هال ۾ گڏجاڻي ٿي گذري. جنهن ۾ ڊپٽي ڪمشنر محمد يوسف شيخ سميت مختلف صوبائي توڙي وفاقي کاتن جي عملدارن شرڪت ڪئي. گڏجاڻي بعد صوبائي صلاحڪار اعجاز حسين جکراڻي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته گڏجاڻي جو مقصد برساتن بعد ٿيل تباهي جو ڪاٿو لڳائڻ هو، مختلف علائقن ۾ بيٺل پاڻي جي هاڻوڪي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي ۽ اختيارين تي زور ڀريو آهي ته فوري طور پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي ته جيئن ربيع جي فصل جي پوک ڪري سگهي. هن وڌيڪ چيو ته هڪ ڪاميٽي جوڙي وئي آهي جيڪا سروي ڪري ننڍي آبادگارن ۽ فارمرز جي نشاندهي ڪندي جن کي روڪ رقم جي مد ۾ رليف ڏنو ويندو، سوئي گيس، واپڊا، آبپاشي، زراعت، تعليم ۽ ٻين کاتن جي سموري عملدارن کي واضح هدايتون ڪيون آهن هو پنهنجي حصي جو ڪم ڪن، ضلعي ۾ تمام گهڻي تباهي ٿي آهي، انسان قدرتي آفتن لاءِ تيار نه هوندو آهي، سروي موجب ضلعي اندر هڪ لک 8 هزار گهر پوري طرح تباهه ٿي چڪا آهن جڏهن ته 14 هزار گهرن کي جزوي نقصان رسيو آهي جن جي بحالي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته 29 نومبر کان پوءِ اسين نئين پاڪستان کان نڪري پراڻي پاڪستان ۾ داخل ٿينداسين.