ڇا حڪومت پنهنجي پير تي پاڻ ڪهاڙو هنيو آهي ؟

0
319
ملڪي سلامتي لاءِ انتهائي اهم ايندڙ 8 ڏينهن

آءِ ايس پي آر 6 آڪٽوبر تي پاڪ فوج ۾ اعليٰ سطح تي بدلين مقررين بابت باضابطه طور تي بيان جاري ڪيو ، جنهن ۾ چيو ويو هو ته  ليفٽينٽ جنرل نديم احمد انجم کي ڊي جي آءِ ايس آءِ  مقرر ڪيو ويو آهي جڏهن ته ٻين بدلين ۽ مقررين جو به انهي ۾ ذڪر هو.  پاڪ فوج ۾ ٿيل اهڙين مقررين ۽ بدلين جي ٻن ڏينهن بعد يعني 8 آڪٽوبر تي جڏهن قومي سلامتي ڪاميٽي جو اجلاس وزير اعظم عمران خان جي صدارت ۾ ٿيو تڏهن صحافين  قومي سلامتي ڪاميٽي جي اجلاس ۾ شرڪت ڪري نڪتل گهرو وزير شيخ رشيد کان اهو سوال ڪيو  ته اجلاس ۾ نئين آءِ ايس آءِ جي سربراهه شرڪت ڪئي يا اڳ مقرر ڊي جي آءِ ايس آءِ شريڪ ٿيو؟ ته گهرو وزير شيخ رشيد سياسي تجربي کي استعمال ڪندي اهو جواب ڏنو هو ته “ڪمان جي تبديلي ۾ ڪجھه ڏينهن لڳندا آھن انڪري اڳ مقرر ٿيل ڊي جي آءِ ايس آءِ شرڪت ڪئي”.  شيخ رشيد جي اهڙي بيان بعد وزير اعظم آفيس مان قومي سلامتي ڪاميٽي جي اجلاس جي تصوير ۽ وڊيو فٽيج به جاري ڪئي وئي جنهن ۾ اهو واضح نظر اچي رهيو هو ته اجلاس ۾ اڳ مقرر ٿيل ڊي جي آءِ ايس آءِ جنرل فيص شرڪت ڪئي آھي.

اصل ۾ قومي سلامتي ڪاميٽي جي اجلاس بعد اڪثر صحافين کي اهو واضح طور تي محسوس ٿي رهيو هو ته پاڪ فوج ۾ ٿيل مقررين تي حڪومت ۽ پاڪ فوج جي قيادت ۾ اختلاف آھن پر راويتي ميڊيا جنهن ۾ اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا به شامل آھي ۾ اھڙين مقررين تي اختلافن کي نه خبر بنايو نه ئي ان مسئلي تي ٽي وي ٽاڪ شو ڪيا ويا اهو ملڪ جي وسيع تر مفادن کي  سامهون رکي ڪيو ويو هوندو، پر ان کان وڌيڪ ان مامري کي خبرن جو روپ نه ڏيڻ ۽ ٽاڪ شو ۾ ان موضوع تي نه ڳالهائڻ پويان پر سڙڻ جو به خوف شامل آھي. اسان جي ملڪ اندر عسڪري مامرن کي ڪنهن محدود حد تائين ئي بحث هيٺ آڻي سگهبو آھي پهريان جڏهن به سياسي عسڪري قيادت وچ ۾ اختلاف ڪر کڻندا رهيا آھن انهن بابت ميڊيا کان وڌيڪ نجي ڪچهرين ۾ مامرا بحث جو موضوع ٿيندا رهيا آھن پر هي  سوشل ميڊيا جو دور آھي ان ۾ جيڪي مامرا نجي ڪچهرين ۾ اڳ بحث جو موضوع ٿيندا هئا اهي مامرا هاڻ سوشل ميڊيا تي بحث جو موضوع ٿي وڃن ٿا.  پاڪ فوج ۾ 6 آڪٽوبر تي ٿيل مقررين بدلين بابت به ٿورو گهڻو اختلافن جو پڙاڏو نظر اچي رهيو هو پر 12 آڪٽوبر تي وزير اعظم عمران خان جي صدارت ۾ ٿيل وفاقي ڪابينه جي اجلاس ۾ پاڪ فوج ۾ ٿيل مقررين تي اختلافن بابت ڪابينه کي اعتماد ۾ وٺڻ جي ضرورت محسوس ڪئي. عجيب اتفاق آھي جو وزير اعظم عمران خان فوج ۾ مقررين بابت پاڪ فوج جي قيادت سان پيدا ٿيل اختلافن جي صورتحال بابت جنهن 12 آڪٽوبر واري ڏينهن تي ڪابينه کي اعتماد ۾ وٺي رهيو هو، 22 سال اڳ انهي ئي 12 آڪٽوبر 1999ع واري ڏينهن تي تڏهوڪي وزير اعظم ۽ تڏهوڪي آرمي چيف وچ ۾ پاڪ فوج ۾ مقررين تي پيدا ٿيل اختلافن ملڪ مان جمهوريت جي تڏا ويڙهه ڪرائي ڇڏي هئي. اوهان کي ٻڌايان ته 12 آڪٽوبر 1999ع تي تڏهوڪي وزير اعظم ميان نواز شريف تڏهوڪي آءِ ايس آءِ جي سربراهه ليفٽيننٽ جنرل ضياءَ الدين کي جنرل جي عهدي تي ترقي ڏئي کيس وزير اعظم آفيس گهرائي بيج هنيا ۽ کيس  آرمي چيف جي عهدي تي مقرر ڪرڻ جو اعلان ڪيو. نواز شريف جي اهڙي فيصلي کي فوج رد ڪندي حڪومت جو تختو ئي اونڌو ڪري ڇڏيو. تڏهوڪي وزير اعظم نواز شريف کي ان وقت گرفتار ڪيو ويو هو جڏهن هو آرمي چيف کي هٽائي قوم کي ٽي وي ذريعي خطاب ڪرڻ لاءِ پي ٽي وي آيو هو.

اهو عجيب اتفاق آھي ته 22 سالن بعد پاڪ فوج ۾ مقررين واري مامري تي وزير اعظم عمران خان ۽ پاڪ فوج جي قيادت وچ ۾ ٿيل اختلافن بابت وزير اعظم نه رڳو ڪابينه کي اعتماد ۾ ورتو پر وفاقي حڪومت لڳ ڀڳ 6 ڏينهن کان هلندڙ ان مامري تي اختلافن کي منظر تي آڻڻ يا عوام لاءِ پبلڪ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. انهن اختلافن جي 12 آڪٽوبر واري ڏينهن تي منظر تي اچڻ اتفاق آھي يا ان ڏينهن تي سوچي سمجهي مقررين بابت اختلافن تي حڪومت خاموشي ٽوڙڻ جو فيصلو ڪيو، ان بابت ته مان ڪجھه نٿو چوان پر  سڌسماءَ جو وزير پاڻمرادو  ڪابينه جي اجلاس بابت بريفنگ دوران ڊي جي آءِ ايس آءِ جي مقرري بابت لب ڪشائي ڪرڻ جي جرئت ۽ همت نٿو ڪري سگهي، ان وزير اعظم جي مرضي سان ئي انهي مقرري بابت ڳالهايو آهي.

وزير اعظم هائوس جي بيٽ ڪور ڪندڙ صحافي رضوان گلزئي پنهنجي ٽوئٽر اڪاوئنٽ تي وزير اعظم پاران ڪابينه اجلاس ۾ اختيار ڪيل موقف سامهون آندو آھي جنهن جي هن وقت تائين حڪومت ترديد نه ڪئي آھي. صحافي رضوان گلزئي مطابق ڪابينه اجلاس ۾ پاڪ فوج ۾ ٿيل مقررين بابت ڳالهائيندي وزيراعظم چيو آھي ته “ڊي جي آءِ ايس آءِ جي عهدي تي مقرري منهنجو يعني وزير اعظم جو اختيار آھي، افغانستان جي حالتن جي گهرج آھي ته جنرل فيض حميد وڌيڪ 6 مهينن لاءِ ڊي جي آءِ ايس آءِ جي عهدي تي رهي، فوج جي عزت آھي ته وزير اعظم آفيس جي به عزت آھي، مان چونڊيل وزير اعظم آھيان ،ڪنهن مسلط نه ڪيو آھي.  قانون موجب  ٽن نالن واري سمري موڪلي وڃي  جنهن تي فيصلو ڪندس، ٿي سگهي ٿو مان اهو نالو منظور ڪيان جيڪو سمري ۾ تجويز ڪيل هجي رول آف لا کان ڪو به مٿانهون  نه آھي جيڪڏهن مان نٿو گهٻرايان ته توهان کي به  نه گهٻرائڻ گهرجي.”   جڏهن ته وفاقي ڪابينا جي اجلاس کان پوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي سڌ سماءَ جي وفاقي وزير فواد چوڌري پاڪ فوج ۾ مقررين واري مامري تي هلندڙ اختلافن کي منظر تي آڻيندي  چيو  آهي ته“ ميڊيا تي خبرون هلي رهيون هيون ته وزيراعظم عمران خان ڪابينا کي ڊي جي آءِ ايس آءِ جي مقرري جي حوالي سان اعتماد ۾ ورتو. ان حوالي سان مان ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته سومر ۽ اڱاري جي وچ واري رات جو وزيراعظم عمران خان سان آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا جي تمام ڊگهي ملاقات ٿي آهي، وزيراعظم عمران خان ۽ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا وچ ۾ تمام ويجها ۽ خوشگوار تعلقات آهن، اهي پاڪستان جي تاريخ جي حوالي سان به اهم آهن،سول ۽ ملٽري وچ ۾ هن وقت تمام آئيڊيل تعلقات آهن. سوشل ميڊيا تي ڏسندو آهيان ته تمام گهڻن ماڻهن جون خواهشون آهن انهن کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته ڪڏهن به وزيراعظم آفيس ڪو اهڙو قدم نه کڻندي جنهن سان پاڪ فوج يا پاڪ فوج جي سپهه سالار جي عزت ۾ گهٽتائي ٿئي. هتي اهو به ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته پاڪ فوج جو سپهه سالار به ڪو اهڙو قدم نه کڻندو جنهن سان پاڪستان جي وزيراعظم ۽ پاڪستان جي سول سيٽ اپ جي عزت ۾ گهٽتائي ٿئي. وزيراعظم ۽ آرمي چيف وچ ۾ تمام ويجهو تعلق، تعاون ۽ رابطو آهي، آءِ ايس آءِ جي نئين سربراهه جي مقرري لاءِ جيڪو قانوني طريقيڪار آهي اهو اختيار ڪيو ويندو. آءِ ايس آءِ جي نئين سربراهه جي مقرري بابت تمام قانوني گهرجون  پوريون ڪري آءِ ايس آءِ جي سربراهه جي مقرري ٿيندي.” سڌسماءَ جي وفاقي وزير  ان سوال ته نئين آءِ ايس آءِ سربراهه جي مقرري جو مامرو ڪيستائين طئي ٿي ويندو؟ ڇا اڳ آءِ ايس آءِ سربراهه طور مقرر ڪيل کي مقرر ڪيو ويندو يا نئين مقرري ٿيندي واري سوال جي جواب ۾ چيو ته“ ان حوالي سان تمام آئيني ۽ قانوني گهرجون پوريون ڪيون وينديون”، جنهن بعد صحافي جي ان سوال ته توهان جي ڳالهين مان لڳي رهيو آهي ته آءِ ايس آءِ سربراهه جي جيڪا مقرري ٿي هئي ان ۾ وزيراعظم سان مشاورت نه ڪئي وئي هئي جي جواب ۾  وفاقي وزير فواد چوڌري چيو ته“ مان ان سوال جو جواب ڏئي چڪو آهيان”. هن ان سوال ته اوهان چيو ته آءِ ايس آءِ جي سربراهه جي مقرري بابت قانوني ۽ آئيني طريقو اختيار ڪيو ويندو، ڇا پهريان ٿيل مقرري ۾ قانوني رستو اختيار نه ڪيو ويو هو؟ ڇا وزيراعظم جي ذهن ۾ ڪو نالو آهي جنهن کي ان عهدي تي آڻڻ گهري ٿو، ان مقرري جو عمل ڪيستائين مڪمل ٿيندو واري سوال جي جواب ۾ سڌ سماءَ جي وفاقي وزير فواد چوڌري چيو ته مان ان سوال جو جواب ڏئي چڪو آهيان. ڪابينه اجلاس کانپوءِ فوج ۾ مقررين بابت فواد چوڌري جي ڪيل ڳالھه ٻولهه مان اهو واضح ٿي رهيو هو ته هاڻ هڪ پيج تي هجڻ واريون حالتون نه رهيون آھن. ڀلي وفاقي وزير فواد چوڌري سڀ ڪجھه ٺيڪ هجڻ واريون ڳالھيون ڪندو رهي پر فوج ۾ مقررين تي حڪومت ۽ فوجي قيادت ۾ اختلاف هجڻ جو مامرو کلي واضح ٿي چڪو آھي. سوال هي آھي ته گذريل ٽن سالن کان جنهن وزير اعظم عمران خان کي سليڪٽيڊ وزير اعظم چيو ويندو رهيو يا چونڊن کان اڳ ڊي چوڪ ۾ هنيل ڌرڻي وقت عمران خان بار بار “امپائر جي آڱر مٿي ٿيڻ واري آھي” جا جملا ورجائي ان وقت جي حڪومت کي ڊيڄاريندو هو انهن سان اختلاف وارڻ جي عمران خان کي صورتحال ڇو ڏسڻي پئي آھي؟ ڏسجي ته آءِ ايس آءِ جي سربراهه جي مقرري وزيراعظم جي مشاورت سان ٿيندي آھي. اها به حيرت جوڳي ڳالھه آھي ته ڊي جي آءِ ايس آءِ جي مقرري وزير اعظم جي مشاورت سان ٿيڻ وارو اختيار وزير اعظم جو آئيني اختيار نه آھي ڇو ته آئين جي آرٽيڪل 243 ۾ چيو ويو آھي ته صدر وزير اعظم جي مشاورت سان چيئرمين  جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪاميٽي ، آرمي چيف، چيف آف نيول اسٽاف ، چيف آف ايئر اسٽاف مقرر ڪندو. آئين جي ان آرٽيڪل ۾ آءِ ايس آءِ چيف جي مقرري وزير اعظم جي مشاورت سان ٿيڻ جو آئين ۾ ڪو ذڪر نه آھي. چيو وڃي ٿو ته طريقيڪار تحت آءِ ايس آءِ چيف جي مقرري وزير اعظم جي مشاورت سان ٿيندي رهي آھي. ان حوالي سان دفاع وزارت معرفت سمري وزير اعظم کي اماڻي ويندي آھي. وفاقي وزير فواد چوڌري مطابق ان عهدي تي مقرري لاءِ  قانوني  طريقيڪار اخيتار ڪيو ويندو جنهن جو مطب اهو وٺي سگهجي ٿو ته پهريان ٿيل ان عهدي تي مقرري لاءِ قانوني طريقيڪار اختيار نه ڪيو ويو. مامرو ڪهڙو به هجي پر هاڻي “سول عسڪري قيادت هڪ پيج تي آھن” واري مثالي صورتحال هجڻ جا جملا اڳ وانگر شايد بار بار جملا ٻڌڻ لاءِ نه ملن. ملڪ جي تاريخ گواهه آھي ته طاقتور ڌرين سان جڏهن به سول حڪومت جو  تڪرار ٿيو آھي تڏهن سول نظام کي نقصان ٿيو آھي ملڪ ۾ مارشلائون به لڳيون آھن. هن  حڪومت فوج ۾ مقررين تي اختلاف واريا آھن پر اهو امڪان پوءِ به گهٽ آھي ته فوج ۾ مقررين واري مامري تي پاڪ فوج جي قيادت پنهنجي اسٽينڊ تان پوئتي هٽي. دير سوير فوج ۾ ايئن ئي مقررين تي حڪومت عمل ڪندي جيئن ڊي جي آءِ ايس پي آر پريس بيان جاري ڪيو آھي. پر پوءِ سوال آھي ته اهڙن اختلافن بعد عمران خان جا عسڪري قيادت سان تعلقات اڳ واري اعتماد سازي جي سطح تي پهچي سگهندا؟ ڊي جي آءِ ايس آءِ جي  مقرري تي اختلاف هن حڪومت لاءِ نوان چئلينج پيدا ڪري ڇڏيا آھن. هي حڪومت مخالف ڌر سوڌو مختلف چئلينجن سان جنهن طاقت ذريعي مقابلو ڪري رهي هئي هاڻ شايد اها طاقت ان وٽ نه رهي. اسلام آباد ۾ ڪجھه ڏينهن کان سياسي صحافتي حلقا ان سٽ کي سلجهائڻ تي بحث ڪري رهيا آھن ته عمران خان طاقتورڌرين سان هن وقت اختلاف وارڻ جو جوکم ڇو کنيو آھي؟ ان سوال تي بحث نه ٿا ڪيون پر هاڻي سياسي ۽ صحافتي حلقن کي ملڪ اندر سياسي منظر نامي ۾ تبديلي محسوس ٿيڻ لڳي آھي. ڪي ته اهي به چوڻ لڳا آھن ته هاڻ ھن حڪومت جي ناڪامين جو ملبو حڪومت مٿان ئي ڪرندو. هن حڪومت جي ناڪامين کي وائکو ڪرڻ بابت ميڊيا کليل اظهار ڪندي. جنهن کي ڪجھه  ماڻهو اهو چئي رهيا آھن ته هي حڪومت پنهنجي پيرن تي پاڻ ڪهاڙو وهائڻ لڳي آھي.